چوڪين تي حملا ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪريو، ترجمان

چوڪين تي حملا ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪريو، ترجمان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پرڏيهي آفيس هڪ ڀيرو ٻيهر افغان سرزمين تان پاڪستان ۾ دهشتگردن جي ڪارروائين جي سخت مذمت ڪندي افغان حڪومت کان پاڪ افغان سرحدي علائقي کي محفوظ بڻائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پاڪستان-افغان سرحد تي تازن واقعن جي حوالي سان ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ پاڪ. افغان سرحد تي واقعن ۾نمايان اضافو ٿيو آهي، افغان سرحد پار کان پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻايو پيو وڃي. پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگرد افغان سرزمين پاڪستان اندر ڪاررواين لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن. هن افغان سرحدي علائقي کي محفوظ بڻائڻ جو مطالبو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان ڊگهي گڏيل سرحد تي موثر رابطن ۽ سيڪيورٽي لاءِ لاڳاپيل ادارن ذريعي گذريل ڪيترن ئي مهينن کان ڪم ڪري رهيا آهن. “بدقسمتي سان، پابندي مڙهيل دهشتگرد گروپ، بشمول پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي)، سرحدي علائقي ۾ پاڪستاني سرحدي سيڪيورٽي پوسٽن تي حملا جاري رکيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي پاڪستاني فوجي شهيد ٿيا آهن،” بيان ۾ چيو ويو آهي ته 14 اپريل 2022 تي اتر وزيرستان ضلعي ۾ افغانستان کان ڪاروائي ڪندڙ دهشتگردن 7 پاڪستاني فوجين کي شهيد ڪيو هو. پرڏيهي آفيس جو چوڻ هو ته پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر افغان سرزمين مان بغير ڪنهن رعايت جي پاڪستان ۾ سرگرم دهشتگردن جي سخت مذمت ڪري ٿو. اهو افغان سرحد تي امن ۽ استحڪام جي لاءِ اسان جي ڪوششن لاءِ نقصانڪار آهي. اسين آزاد ۽ خودمختار افغانستان سان خمورن شعبن ۾ تعاون لاءِ تيار آهيون. ياد رهي ته گذريل ڏينهن افغان سفارتخاني جي انچارج کي طلب ڪري سرحدي چوڪين تي حملن ۽ بلوچستان ۾ هليڪاپٽر کي گولي لڳڻ سبب باهه لڳڻ بابت احتجاج ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو