عمرڪوٽ (ن سنڌيار) عمرڪوٽ ٿر جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ چوپايو مال ۾ پتي ۽ ڦڦريو جي بيماري ۾ ڪيترو ئي مال رڍون ۽ ٻڪريون مري چڪيون آهن برساتون پوڻ کانپوء ٿر جي ڳوٺن ۾ ڪٿي به ويڪسين ۽ پيئڻ جي دوا ڪٿي لائيو اسٽاڪ وارن نه ڏني ٽيمون غائب آهن ان موقعي تي ٿر جي ماروئڙن صحافين کي ٻڌايو ته لائيو اسٽاڪ کاتو اگھور ننڊ ستل آهي ھزارين تعداد ۾ رڍون ۽ ٻڪريون مري چڪيون آهن ضلعي انچارچ گنيش کتري جي لاپرواھي جي ڪري نقصان پھتو آهي باربار اطلاع ڏيون ٿا پر ٽيمون نٿيون اچن ڪروڙين رپيا بجيٽ ڪوڙن بلن ذريعي ھڙپ ٿئي پئي ۽ لائيو اسٽاڪ کي ھلندڙ دوائون ۽ انجيڪشن شھر جي پرائيويٽ اسٽورن تي وڪرو ٿين ٿيون عمرڪوٽ جا چونڊيل نمائندا ايم پي اي سيد امير علي شاهه ۽ ڊي سي عمرڪوٽ طاھر ميمڻ ۽ ٻيا وس وارا فورن نوٽيس وٺن مالوندن سان انصاف ڪن.










