چوٽياريون ڪيس ۾ جوابدارن جي ڪچي ضمانت ۾ واڌ

چوٽياريون ڪيس ۾ جوابدارن جي ڪچي ضمانت ۾ واڌ

نوابشاھه (ن س )نوابشاھه جي عدالت چوٽياريون سانحي ڪيس ۾ نامزد 11 جوابدارن جي ڪچي ضمانت ۾ چئن ڏينهن جي واڌ ڪندي ٻڌڻي 28 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ چوٽياريون سانحي ڪيس ۾ نامزد 11 جوابدارن جي پڪي ضمانت بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي دوران ڪيس ۾ نامزد جوابدار عطاءُ الله جوڻيجو، علي حسن جوڻيجو، سيف الله جوڻيجو، اڳوڻو ايس ايڇ او غلام محمد سهتو، جبار خاصخيلي، جانو لانڊر، بابو ڪيريو، عمران، جمن انڙ، عزيزالله ڪيريو ۽ محبوب جکرو عدالت ۾ پيش ٿيا.ٻڌڻي دوران فريادي فدا جوڻيجو، مشير عرفان جوڻيجو ۽ نبي بخش جوڻيجو به عدالت ۾ موجود رهيا.عدالت سمورن جوابدارن جي ڪچي ضمانت ۾ چئن ڏينهن جي واڌ ڪندي ٻڌڻي 28 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ڪيس جي فريادي فدا جوڻيجو، مشير عرفان جوڻيجو ۽ نبي بخش جوڻيجو چيو ته جوابدار ڌمڪيون پيا ڏين انصاف ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو