چوهڙجمالي، ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو، نوجوان قتل

چوهڙجمالي، ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو، نوجوان قتل

چوهڙجمالي: (ن س) چوهڙجمالي لڳ شاهبندر ۾ ڇريجا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ،لٺيون ۽ مڪون لڳڻ سبب 22 سالا نوجوان قتل، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو چوهڙجمالي لڳ جونگو جلباڻي پوليس اسٽيشن جي حد ۾ شاهبندر جي ڳوٺ گل محمد ڇريجو ۾ ڇريجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙي دوران لٺيون ۽ مڪون ٺونشا لڳڻ سبب هڪ ڄڻو غلام نبي ڇريجو قتل ٿي ويو آهي، جدهن ته سندس ڀاء سليم ڇريجو زخمي ٿي پيو.قتل ٿي ويل نوجوان جو لاش ۽ زخمي کي سندس وارثن پاران رورل هيلٿ سينٽر چوهڙ جمالي آندو ويو ،اطلاع تي جونگو جلباڻي پوليس پهچي وئي. چوهڙجمالي اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم جي سهولت نه هجڻ سبب قتل ٿي ويل نوجوان جو لاش سول اسپتال سجاول آندو ويو، جتي بجلي خراب هجڻ سبب ايڪسري لاءِ لاش ڪيترائي ڪلاڪ اسپتال ۾ پيل رهيو وارث پريشان ٿيندا رهيا. ڊي ايس پي سجاول محمد وقاص احمد سول اسپتال سجاول پهچي قتل ٿي ويل نوجوان جي وارثن کان تفصيل ورتا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو