چونڊ نتيجن خلاف احتجاج ڪيس ۾ مروت جي ضمانت منظور

چونڊ نتيجن خلاف احتجاج ڪيس ۾ مروت جي ضمانت منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ضلعي ۽ سيشن عدالتن پي ٽي آءِ اڳواڻن شير افضل مروت ۽ عامر مغل جي اسلام آباد جي چونڊ نتيجن خلاف احتجاج ۽ آرٽيڪل 144 جي ڀڃڪڙي واري ڪيس ۾ عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي. ڊيوٽي جج احمد ارشد جسرا ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻيڪئي، جنهن ۾ شير افضل مروت ذاتي حيثيت ۾ عدالت ۾ پيش ٿيو.عامر مغل پنهنجي وڪيل سردار خضر خان سميت ڊيوٽي جج آڏو پيش ٿيو، عدالت 10، 10 هزار رپين عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي.عدالت شرافضل مروت ۽ عامر مغل خلاف وڌيڪٻڌڻي 28 فيبروري تائين ملتوي ڪريڇڏي، پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف ڪوهسارٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو