اسلام آباد(بيورو رپرٽ )صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي خط لکي ڇڏيو آهي.صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي خط ذريعي چونڊن بابت هنگامي اجلاس جي دعوت ڏني آهي.صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي 20 فيبروري تي صدر هائوس ۾ سيڪشن 57 ون تحت ٿيندڙ چونڊن بابت مشاورت جي دعوت ڏني آهي.خط موجب ايڪٽ تحت صدر اليڪشن ڪميشن سان مشاورت کانپوءِ عام چونڊن جي تاريخ يا تاريخ جو اعلان ڪندو. خط ۾ صدر عارف علوي اليڪشن ڪميشن جي بي حسي تي ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن پهرين خط جو اڃا تائين جواب ناهي ڏنو. خط ۾ هن چيو ته مان انتظار ڪري رهيو هوس ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي آئيني فرضن کي محسوس ڪري ۽ ان تي عمل ڪري، ان اهم معاملي تي اليڪشن ڪميشن جي افسوسناڪ رويي تي سخت مايوسي ٿي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي اهو به چيو ته هو اليڪشن بابت مشاورت لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر کي پنهنجي آفيس ۾ هنگامي اجلاس جي دعوت ڏئي ٿو.










