ڪوئٽه: (ويب ڊيسڪ) چمن ۾ شاهراهه قلعه عبدالله ۾ قبرستان چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي جي نتيجي ۾ انچارج شهيد ٿي ويو.پوليس موجب شهيد ٿيل چيڪ پوسٽ انچارج جي سڃاڻپ سعدالله جي نالي سان ڪئي وئي. واقعي جي خلاف قبائلي عوام احتجاج ڪندي ڪوئٽه چمن شاهراهه ٽريفڪ جي آمد رفت جي لاءِ بند ڪري ڇڏي. دهشتگردن جي حملي کان پوءِ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علائقي کي گهيري ۾ وٺي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.ڊپٽي ڪمشنر قلعه عبدالله موجب ڏوهاري ماڻهو ڪوئٽه چمن شاهراهه تي ڦر جي ڪارروائي ڪري رهيا هئا. انهي دوران وين ڦرڻ جي ڪوشش ناڪام بنائي وئي ته جوابدارن ليويز پوسٽ تي حملو ڪري ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ ليويز پوسٽ انچارج شهيد ٿي ويو.ڊي سي ٻڌايو ته حملي کان پوءِ جوابدار پنهنجي هڪ گاڏي ڇڏي فرار ٿي ويا جنهن کي مقامي ماڻهن باهه ڏئي ڇڏي. ڊي پي او قلعه عبدالله انهي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ڏوهاري ماڻهن جي جابلو علائقن ۾ واقع پناهه گاهه جو گهيراءُ ڪيو ويو آهي، انهن جي اڳواڻ فقير محمد جي زنده يا مرده گرفتاري جي لاءِ آپريشن جاري آهي. فقير محمد قتل جي 15 مختلف واقعن ۾ ليويز ۽ پوليس کي گهربل آهي.










