چاچن جو ڪوڙو الزام،19 سالا نينگري جو والدين گڏ احتجاج

چاچن جو ڪوڙو الزام،19 سالا نينگري جو والدين گڏ احتجاج

باڊھ (ن سنڌيار)باڊھ ڀرسان ڳوٺ سالار ڪلهوڙو واسي شادي شده 19 سالا افشان پنهنجن والدين سان گڏجي احتجاج ڪندي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آھي ته منهنجا چاچا روشن ڪلهوڙو مور ڪلهوڙو ڏير سينگار ڪلهوڙو ۽ مڙس ستار ڪلهوڙو منهنجي مٿان منهنجي مائٽ توفيق لوڊرو سان ڪوڙو ڪارنهن جو الزام هڻي مونکي مارڻ چاهن ٿا هن چيو ته منهنجو مڙس وياجي ۽ جواري آھي بابا کان پئسه وٺي نه ڏيڻ تان هو منهنجي مٿان بيگناه ڪوڙو ڪارنهن جو الزام مڙھي چاچن ۽ ڀائرن سان گڏجي قتل ڪرڻ چاهي ٿو هن چيو ته منهنجا چاچا وياج جو ڪاروبار ڪندا آھن هنن جو ڌنڌو اهيو آھي ته جڏھن هنن کان پئسه ختم ٿي ويندا آھن ته هو ڪنهن نه ڪنهن عورت مٿان ڪارنهن جا ڪوڙا الزام هڻي هو ماڻھن کان چٽيون وٺي پنهنجو وياج جو قرض لاهيندا آھن هن چيو ته منهنجن چاچن جي پٽن جو وياج جا 30 لک کان مٿي ماڻھن جا وياج جا پئسه رهجي ويا آھن جيڪي هو قرضن کان لڪندا وتن ٿا هن چيو ته مونکي ۽ منهنجي والدين کي هو موتمار ڌمڪيون ڏين ٿا جيڪو هنن مان اسان کي جان جو خطرو آھي هو ڪهڙي وقت به اسان کي نقصان پهچائي سگهن ٿا هن چيو ته منهنجو مڙس پنهنجن چاچن ڀائرن سان ٻٽ بڻجي ويو آھي هن چيو ته هو هنن سان گڏجي مونکي قتل ڪرڻ چاهي ٿو هن چيو ته مان پنهنجي والد وٽ رهان ٿي مونکي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ناري جي والد واجد ڪلهوڙو امڙ حسينه خاتون ۽ ٻين وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آھي ته روشن ڪلهوڙو مور ڪلهوڙو سينگار ڪلهوڙو امجد ڪلهوڙو منهنجي ڌي سپنا مٿان ڪارنهن جو ڪوڙو الزام هڻي اسان جي ڇوڪري کي بيگناه قتل ڪرڻ چاهن ٿا هنن چيو ته هنن تي وياج جا ماڻھن ڏانهن قرض رهجي ويو آھي جيڪو هو اسان جي ڇوڪري تي ڪوڙو ڪارنهن جو الزام هڻي هو چٽي وٺي پنهنجو قرض لاهڻ چاهن ٿا هنن چيو ته سرڪار ڀلي هنن ماڻھن جي جاچ وٺي ته هنن جو اصل ڌنڌو ڪهڙو آھي هنن چيو ته اسان ايس ايس پي کان درخواست تي نوٽ لڳرائي حد جي ايس ايڇ او ويهڙ اعجاز مگسي کي درخواست ڏني آھي پر پوليس اسان جي ٻڌي نٿي هنن چيو ته بار بار ٿاڻن جا چڪر لڳائي خالي واپس موٽي اچون ٿا هنن چيو ته پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آھي جيڪا هنن کان ڳري رقم وٺي اسان جي مٿان دٻاء وجهي چوي ٿو ته هنن سان ٺھي وڃو نه ته اوهان جي مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪندس هنن ڊي آء جي لاڙڪاڻو مظھر نواز شيخ ايس ايس پي سرفراز نواز شيخ ڊي ايس پي ڏوڪري احسان بليدي چونڊيل نمائيندن کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آھي ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪري ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو