اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آئي جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته چاهيون ٿا ته اسٽيبلشمينٽ به اسان سان گڏ ويهي سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته اسان چاهيون ٿا ته اسٽيبلشمينٽ بها سان سان ويهي فواد چوڌري چيو ته حڪومت هاڪاري جواب ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو صحافي سوال ڪيو ته ڇا سياسي پارٽيون پاڻ ڳالهيون ڪري رهيون آهن يا وري ڳجها هٿ موجود آهن فواد چوڌري چيو ته اڃا تائين ڳالهيون سياسي پارٽيون پاڻ ڪري رهيون آهن اسان چاهيون ته اهي هٿ به اسان سان گڏ ويهن. صحافي سوال ڪيو ته ڇا مستقبل ۾ پيپلزپارٽي سان اتحاد جي صورت پيدا ٿي سگهي ٿي. فواد چوڌري چيو ته سنيجده پارٽيون چاهين ٿيون ته معاملا اڳتي وڌن حڪومت جي جواب مان ظاهر ٿئي ٿو ته اها جلد اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ تيار آهي هن چيو ته اسان پنهنجي موقف ۾ اڳ به نرمي ڏيکاري آهي اسان چيو آهي ته هڪ ڏينهن چونڊن لاءِ آئيني ترميم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون علي محمد خان چيو ته افسوس آهي جو سياستدانن کي موقعو مليو پر ان مان فائدو ناهي ورتو ويو ڳالهيون ٿيون ته ملڪ جا مسئلا حل ٿي سگهن، اليڪشن ٿي سگهي هن چيو ته اندر ڳالهيون ٿي رهيون هيون ۽ ٻاهر حڪومت جا ڪجهه ماڻهو ڳالهين کي ناڪام ڪرڻ ۾ رڌل هئا. شاهه محمود قريشي سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالها.يندي چيوت ه سپريم ڪورٽ جي سامهون اسان پنهنجو جواب جمع ڪرايو آهي يقين آهي ته جج صاحبن ان جو مطالعو ڪيو هوندو هن چيو ته تحريڪ انصاف معاملن کي سنجيگي سان حل ڪرڻ لاءِ ويٺي آهي. اسد عمر چيو ته سڄي ملڪ جا ماڻهو سپريم ڪورٽ ۽ آئين سان گڏ بيٺا آهن اسان آئين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ پرامن ريلي نٿا ڪڍي سگهون هن چيو ته اسان کي ريلي ڪڍڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي هي ڪهڙو آئين ۽ ڪهڙي جمهوريت آهي.










