چانهه نه پيارڻ تان دوست هٿان دوست قتل، جوابدار گرفتار

چانهه نه پيارڻ تان دوست هٿان دوست قتل، جوابدار گرفتار

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ چانهه نه پيارڻ جي تڪرار تي هڪ شخص پنهنجي دوست کي تيز ڌار اوزار سان وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب گذريل ڏينهن صدر جي هڪ هوٽل تي ٻن دوستن عباس ۽ جهانزيب جي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو. ڳالهه وڌڻ تي جوابدار عباس تيز ڌار اوزار سان حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ جهانزيب ٿڏي تي ئي قتل ٿي ويو.واقعي کان پوءِ جوابدار فرار ٿي ويو هو پر صدر پوليس ڪارروائي ڪندي قتل جو معاملو حل ڪري ورتو ۽ جوابدار عباس کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول جهانزيب رڪشه ڊرائيور هو جيڪو رڪشه تي مزدوري ڪندي پنهنجي گهر جو گذارو ڪندو هو جڏهن ته گرفتار جوابدار عباس صدر جي علائقي ۾ ريڙهي تي فروٽ ڪندو آهي.ايس ايس پي سائوٽ موجب جوابدار کي وڌيڪ جاچ جي لاءِ انويسٽيگيشن پوليس جي حوالي ڇڏيو آهي جڏهن ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ جو سلسلو جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو