پاڪ ايران سرحدي علائقن ۾ زلزلو، شدت 5.4 رڪارڊ

پاڪ ايران سرحدي علائقن ۾ زلزلو، شدت 5.4 رڪارڊ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ڪوئيٽا، نوشڪي ۽ چاغي سميت بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن. پاڪ ايران سرحدي علائقن چمن، قلعه عبدالله، پشين ۽ دالبندين ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.زلزلي مرڪز موجب زلزلي جي شدت 5.4 هئي، زلزلي جو مرڪز ڪوئيٽا کان 150 ڪلوميٽر اتر اولهه هو، جڏهن ته ان جي گهرائي 35 ڪلوميٽر هئي.زلزلي سبب ماڻهو خوف وچان گهرن مان ٻاهر نڪري آيا، هينئر تائين ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جا اطلاع ناهن مليا.

پهنجو تبصرو موڪليو