شڪارپور (رپورٽ: عبدالخالق سومرو) ڄاڃين جي گاڏي تي فائرنگ، گھوٽ سميت ٽي ڄڻا قتل، ٻه عورتون زخمي ٿي پيون. شڪارپور جي علائقي جيڪب آباد–شڪارپور انڊس هاءِ وي تي تاج سي اين جي ڀرسان هٿياربندن ڄاڃين جي گاڏي تي بنا ڪنهن رڪاوٽ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ گھوٽ سميت ٽي ڄڻا موقعي تي قتل ٿي ويا، جڏهن ته ٻه عورتون سخت زخمي ٿي پيون. پوليس موجب ابتدائي اطلاعن موجب هي واقعو پراڻي دشمني جو ٿي سگهي ٿو ۽ علائقي ۾ فائرنگ جي هن واقعي بابت مهر جتوئي خوني تڪرار جي نتيجي بابت به چوٻول آهن. مارجي ويلن ۾ گھوٽ غلام الرسول عرف الطاف احمد مهر، رمضان مهر ۽ هڪ معصوم ٻار محمد حسن مهر شامل آهن. فائرنگ دوران ٻه عورتون پڻ زخمي ٿيون، جن کي فوري طور طبي مدد لاءِ سول اسپتال شڪارپور منتقل ڪيو ويو. گهوٽ جي شادي ڪارد موجب رستم باءِ پاس تي هڪ شادي هال ۾ ڏيڍ وڳي منجهند جو دعوت رکيل هئي. گهوٽ الطاف پٽ غلام قادر مهر جي اسدالله سومرو جي نياڻي سان شادي طئي ٿيل هئي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڄڃ رستم لڳ ڳوٺ عامل مهر کان ٺل طرف وڃي رهي هئي ته رستي ۾ هٿياربندن گاڏي تي حملو ڪيو. واقعي کان پوءِ جوابدار خوشي ۾ فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. اطلاع ملڻ شرط شڪارپور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ لاشن سميت زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو. پوليس علائقي ۾ ناڪابندي ڪري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي. هوڏانهن اسٽورٽ گنج واري علائقي ۾ تاج سي اين جي ڀرسان پيش آيل افسوسناڪ واقعو، شڪارپور جي ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ واقعي جو ترت نوٽيس وٺندي ملوث جوابدارن جي گرفتاري جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن، پوليس جي شروعاتي جاچ موجب هي واقعو مهر ۽ جتوئي برادري جي وچ ۾ هلندڙ پراڻي دشمني جو نتيجو لڳي ٿو، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ علائقي کي گهيري ۾ آندو ويو آهي، جڏهن ته پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي، ايس ايس پي شڪارپور جي پي آر او پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب شڪارپور پوليس امن امان جي صورتحال کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ مڪمل طور تي سرگرم آهي ۽ جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون آڏو پيش ڪيو ويندو۔










