ڄامشورو: پراڻي تڪرار تان فائرنگ، سيڪيورٽي انچارج مارجي ويو

ڄامشورو: پراڻي تڪرار تان فائرنگ، سيڪيورٽي انچارج مارجي ويو

ڄامشورو: (ن س) ڪوٽڙي جي سائيٽ واري علائقي ۾ پراڻي دشمني تان خانگي ڪمپني جو سيڪيورٽي انچارج هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويو آهي، خداجي بستي پوليس پوسٽ جي حد ويجهو هٿياربندن عوامي ٽيڪسٽائل مل جي سيڪيورٽي انچارج قادر لاکير کي گهر اندر ننڊ ستل حالت ۾ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا. لاش کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس موجب مقتول وٽ آيل هڪ دوست کيس گوليون هڻي قتل ڪيو ۽ سندس ون ٽو فائيو موٽرسائيڪل به ڪاهي فرار ٿي ويو آهي. ٻئي طرف ڪوٽڙي اسپتال ۾ موجود مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته ماجد لاکير جيڪو پوليس کاتي ۾ اهلڪار آهي تنهن کيس ڪجهه ڏينهن اڳ فون تي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون هيون ته تون اسان جي نالي چوين ٿو ته اسان منشيات وڪرو ڪري رهيا آهيون توکي ڏسي رهنداسين.مقتول جي وارثن موجب ماجد لاکير وارن هٿياربند موڪلي اسان جي همراهه کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، پوليس به پٽي ڀائي کي تحفظ ڏيارڻ لاءِ اسان سان ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي ۽ نه ئي هن وقت تائين ڪو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. لاش جي تدفين بعد ئي ملوث جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويندو، جيڪڏهن پوليس ڪيس داخل نه ڪيو ته احتجاج وارو رستو اختيار ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو