ڄامشورو: ٽرڪ ۽ بس وچ ۾ ٽڪر، 10 ڄڻا فوت،وڏي وزير جو نوٽيس

ڄامشورو: ٽرڪ ۽ بس وچ ۾ ٽڪر، 10 ڄڻا فوت،وڏي وزير جو نوٽيس

ڄامشورو(ن س)سنڌ جي ضلعي ڄامشوري جي علائقي سن ويجهو ٽرڪ ۽ بس وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا فوت ٿي ويا.ايس ايس پي ڄامشورو جاويد بلوچ موجب سن ويجهو انڊس هاءِ وي تي ٽريفڪ حادثي جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.هن چيو ته فوت ٿيلن ۾ 2 عورتون ۽ 2 ٻارڙا به شامل آهن، حادثو سن جي ويجهو بهي ڦاٽڪ وٽ پيش آيو.ايس ايس پي ڄامشورو جاويد بلوچ جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن جو تعلق بهاولپور سان ٻڌايو پيو وڃي، بدقسمت مسافر ڪوچ ڪراچي کان پنجاب وڃي رهي هئي.سندس چوڻ آهي ته حادثي ۾ ڪوچ ۽ ٽرڪ جو ڊرائيور پڻ فوت ٿي ويو، زخمين کي لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو ويو آهي.ايس ايس پي ڄامشورو جاويد بلوچ وڌيڪ ٻڌايو ته ڄامشورو ويجهو بس حادثي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.هنن جو اهو به چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب حادثو بس ڊرائيور جي غفلت ۽ تيز رفتاري سبب پيش آيو.

پهنجو تبصرو موڪليو