اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ڀٽو صدارتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ جي راءِ تي آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو سميت پ پ قيادت کي مبارڪباد ڏني آهي. هڪ بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته تاريخي غلطي کي درست ڪرڻ ممڪن ناهي، سنگين غلطي تسليم ڪري نئين تاريخ ۽ نئين روايت قائم ڪئي وئي آهي. وزيراعظم چيو ته عدالت پاران غلط استعمال کي درست ڪرڻ مثبت پيش رفت آهي. ڀٽو ريفرنس ۾ سپريم ڪورٽ جي راءِ تاريخ کي صحيح تناظر ۾ سمجهڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.ماضي جي غلطين جي اصلاح، تلخين کي ختم ڪري قومي اتحاد ۽ ترقي جو عمل تيز ڪري سگهجي ٿو.










