نوشھرو فيروز (ن سنڌيار)ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ ڪوڙو مجيداڻو ۾ رات دير سان اوچتو باھ لڳڻ سبب ٽن پورھيتن صديق مجيداڻو قاسم مجيداڻو ۽ پپن مجيداڻو جي گھرن کي باھ لڳي وئي ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻي قاسم مجيداڻو ميڊيا کي ٻڌايو ته باھ لڳڻ سبب ٽنھين ڄنن جا ڪکاوان گھر مڪمل سڙي رک ٿي ويا آھن گھر ۾ پيل روڪ رقم ھنڌ کٽون ۽ ٻيون گھريلو سامان سڙي رک ٿي ويو ھن ٻڌايو ته ڳوٺ ۾ شادي جي تقريب رٿيل ھئي باھ لڳڻ سبب شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون باھ ايتري ته تيز ھئي جو ڏسندي ڏسندي الھ تلھ سڙي رک ٿي ويو ھن ٻڌايو ته فائر برگيڊ واري کي ڪال ڪئي پر ھو صبح جو پھتو ۽ اسان جو لکين رپين جو نقصان ٿي ويو جڏھن ته باھ لڳڻ جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيو ھن اعلي اختيارين کان مالي سھائتا جي اپيل ڪئي آھي










