ڀت گئس فيلڊ ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيو، ڳوٺاڻن جو احتجاج

سيوهڻ(رميزسولنگي) اي اين آءِ ڪمپني گئيس فيلڊ ڀت جبل ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ۽ علائقي ۾ قانون مطابق فلاحي ڪم نه ڪرائڻ خلاف آس پاس جي ڳوٺاڻن جلوس ڪڍي  احتجاج ڪيو. ڳوٺاڻن محمد حيات مري، ولي محمد مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جهاز چوڪ کان عوامي ميڊيا سينٽر تائين گئس ڪمپني جي خلاف نعرا هڻندا رهيا. صحافين سان ڳللهائيندي هنن ٻڌايو ته ڪمپني نه روزگار ٿي ڏئي ۽ نه پيئڻ جو پاڻي ٿا ڏين ۔جنهن جي ڪري اسان مسلسل 6 ڏينهن کان گئس ڪمپني جي گيٽ تي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪندا هئاسين ڪالھ اچانڪ نئينگ شريف ٿاڻي جي پوليس، ڪمپني وارن گهرائي اسان جي مٿان لٺين جا وسڪارا ڪري سخت تشدد ڪري اسان جا ڪجھ ماڻهو زخمي ڪري ڇڏيا جيڪي سيوهڻ اسپتال ۾ داخل آهن. ايس ايڇ او نئينگ بکر رودناڻي ۽ سندس پوليس اسان جي ڪجھ ماڻھن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪري ويئي آهي. هنن سيد مراد علي شاھ ۽  ڪمپني جي چيئرمين جيڪو ايم اين اي ڄام شورو سڪندر علي راهپوٽو صاحب کي ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد  ۽ ايس ايس پي ڄام شورو کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو