ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي مشهور اداڪار فيصل قريشي چيو آهي ته بالي ووڊ ۾ ڪم نه ڪرڻ جو سبب بالي ووڊ جو پاڪستان مخالف پروپيگنڊا آهي.تازو ئي اداڪار فيصل قريشي فريحا الطاف جي پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جنهن دوران ميزبان کانئس بالي ووڊ ۾ ڪم نه ڪرڻ جو سبب پڇيو.ان جي جواب ۾ اداڪاره چيو ته منهنجو تعلق بالي ووڊ سان ناهي ڇو ته جيڪو دل ۾ هوندو آهي ان جو اظهار ڪندو آهيان، منهنجي ان عادت سبب ڀارتي مداح به مون کان ناراض ٿي ويندا آهن.فيصل قريشي چيو ته جيڪڏهن ڪو به اداڪار پنهنجي فلم کي ڀارت ۾ هٽ ڪرڻ چاهي ٿو ته پاڪستان کي بدنام ڪرڻو پوندو، شاهه رخ خان جي فلمن کي پاڪستان ۾ هر قسم جي سپورٽ ملي پر پوءِ به شاهه رخ خان به ائين ئي ڪيو.اداڪار وڌيڪ چيو ته ڀارت ۾ فلمون هٽائڻ لاءِ پاڪستان کي گندو بڻايو، آءِ ايس آءِ کي گندو بڻايو، هي اهي شيون آهن جن ذريعي هڪ اداڪار ڀارت ۾ نالو ڪمائي سگهي ٿو پر اهي سڀ شيون ڏسي ڏک ٿيندو آهي.فيصل قريشي جو چوڻ هو ته ڀارت ۾ بلاول ڀٽو زرداري سان جيڪو سلوڪ ٿيو، اهڙو سلوڪ پاڪستان ۾ ڪنهن به ڀارتي سان ٿيڻ جو ڪو واقعو نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته پاڪستاني پنهنجي گهر ايندڙن لاءِ دل کوليندا آهن.










