اسلام آباد ( رپورٽ الله وسايو گهوٽو)پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارتي سازش هڪ دفعو ٻيهر بي نقاب ٿي وئي آهي.پرڏيهي وزير چيو ته پلوامه واقعي جي حوالي سان منهنجا بيان رڪارڊ تي آهن. اسان چيو هو ته پلوامه ڀارت طرفان هڪ فالس فليگ آپريشن آهي ۽ پلوامه جي آڙ ۾ ڀارت ڪا چال هلي سگهي ٿو. هن چيو ته ڀارتي سازش بي نقاب ٿي وئي آهي. مودي سرڪار 40 فوجين کان حياتيون کسيون. اسان خطي ۾ امن چاهيون ٿا.پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت افغانستان ۾ سپائيلر جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. 26 فيبروري تي پاڪستان مٿان حملي جي ڪوشش ڪئي وئي ته اسان صبر جو مظاهرو ڪيو ۽ پاڪستان خير سگالي جي جذبي تحت ڀارت جو گرفتار ٿيل پائلٽ واپس ڪري ڇڏيو.هن چيو ته 14 نومبر تي ڀارتي دهشتگردن جي پٺڀرائي جا ثبوت دنيا جي سامهون آندا هئا ۽ اي يوڊس انقوليب جا انڪشاف ڀارتي ارادن جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا. دنيا اسان جي ڊوزئير کي سنجيدگي سان ڏسي.شاهه محمود قريشي چيو ته آمريڪا ۾ 20 جنوري تي نئين قيادت حڪومت سنڀالڻ وڃي رهي آهي ۽ اڄ برطانوي پارليامينٽ ۾ ڀارت جي خلاف آواز اچي رهيا آهن.
’ايس آءِ ايف سي جي ڪاميابين، تنقيد ڪندڙن جو وات بند ڪيو آهي‘
دنيا ۾ 3 ڪروڙ ٻار تماڪو استعمال ڪن ٿا، ڊبليو ايڇ او
ڪي اليڪٽرڪ جون پاليسيون سمجهه کان ٻاهر آهن
هفتي دوران مهانگائي جي شرح ۾ 0.34 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ
ورلڊڪپ ۾ پهريون ڀيرو 3 پاڪستاني امپائرنگ ڪندا
گرمي جي لهر جاري، دادو ۽ موهن جو دڙو ۾ پد 50 ڊگري
گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرا، روڊ بلاڪ
پيءُ ڌيءَ کي قتل ڪري پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو
گوجر خان ۽ نارووال ۾ آسماني بجلي ڪرڻ سبب 5 ڄڻا فوت
سولجر بازار ۾ گهر اندر سلينڊر ڌماڪو، 8 ڄڻا سڙي زخمي
پشاور لوڊشيڊنگ، عوام گرڊ ۾ گهڙي زوري بجلي کولي ڇڏي
ڪراچي وارا قرضي آهن، بل ڏين لوڊشيڊنگ نه ٿيندي: علوي
بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ گيس جي فراهمي معطل
پارٽي سيڪريٽريٽ ٽوڙڻ سان عوامي حمايت وڌندي: شيخ
مفروضن تي بجيٽ پيش ڪرڻ عوامي توهين آهي، امير مقام
پارٽي آفيس سيل ڪرڻ خلاف مزاحمت، مغل جي ضمانت منظور
هيرس جي خطاب دوران فلسطينين جي حامين جو احتجاج
هم جنس پرستي حرام آهي: فيصل قريشي
واٽس ايپ صارفين جي ڊيٽا غلط استعمال ڪري ٿو، مسڪ
سنڌ ۾ ظلم جي گرمي ۽ بجليءَ جو بحران