ڀارت جا 6 جنگي جهاز ’ڪوبراز اسڪواڊرن‘ ڪيرايا، پي اي ايف

ڀارت جا 6 جنگي جهاز ’ڪوبراز اسڪواڊرن‘ ڪيرايا، پي اي ايف

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ايئر فورس جي هيڊڪوارٽر اسلام آباد ۾ موجود ڪامبيٽ آپريشنز سينٽر ۾ 7 مئي جي اڌ رات لڳ ڀڳ فوري طور تي اوچتي ڇڪتاڻ محسوس ٿي. ان رات ريڊار اسڪرينز تي ڀارتي فضائيه (آئي اي ايف) جا ڪيترائي جنگي جهاز اتر طرف گڏ ٿيندا نظر آيا، جن جي حرڪتن مان جارحيت ظاهر ٿي رهي هئي. ڪجهه منٽن ۾، پاڪستان جي فضائي حدن ۾ هنگامي طور تي جنگي جهاز اڏامڻ شروع ٿيا، جنهن ۾ جديد J 10C جهاز به شامل هئا، جيڪي پاڪستان فضائيه جي مڃيل اسڪواڊرن نمبر 15 “ڪوبرَاز” جي استعمال ۾ آهن. تقريباً هڪ مهيني بعد، پاڪستان فضائيه باقاعده تصديق ڪئي آهي ته 7 مئي تي 6 ڀارتي جنگي جهاز ڪيرايا واري آپريشن جي قيادت ڪوبرَاز اسڪواڊرن ڪئي، اها جنگي جهڙپ ڏکڻ ايشيا ۾ گذريل اڌ صدي جي سڀ کان وڏي فضائي جھڙپ سمجهي وڃي ٿي. هن اسڪواڊرن جي 20 مان، 18 J 10C جنگي جهازن هن مشن ۾ حصو ورتو، جتي پاڪستان جي دفاعي ردعمل طور هو ڀارتي فضائيه جي وڏي فارمييشن خلاف انتهائي خطرناڪ انٽرسيپٽ مشن ڪاميابي سان مڪمل ڪيو. پاڪ فضائيه جي پبلڪ رليشن آفيس پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪوبرَاز اسڪواڊرن جي پيشه ورانه مهارت ۽ تاريخي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. بيان ۾ چيو ويو ته: 1965 جي جنگ ۾ فلائيٽ ليفٽننٽ امتياز ڀٽي هٿان 2 ڀارتي ويمپائر جهاز ڪيرايا ويا، ڪوبراز جي دليرانه جنگي ڪردار ۽ سرد جنگ دوران سوويت افغان جنگ ۾ چوڪسي، ڪوبرَاز اسڪواڊرن هر دور ۾ جنگ لاءِ تيار نظر آيو آهي. هاڻي J 10C جي 4.5 پلَس جنريشن جي جديد طيارن سان ليس، ڪوبرَاز درستگي، جرئت ۽ فضائي برتري جو علامت بڻجي چڪو آهي. پهلگام ۾ ٿيندڙ خطرناڪ حملن کان پوءِ ڀارت پاران آپريشن سُندور جي شروعات ڪئي، هن فضائي جھڙپ دوران ٻنهي پاسن کان 120 کان وڌيڪ جنگي جهاز فضا ۾ اڏاميا هئا.پاڪ فوج جي آفيشل اڪائونٽ موجب، 6 ڀارتي جهاز ڪيرايا ويا جن ۾ 4 رافيل، 1 مگ 29، 1 ميراج 2000 ۽ 1 Su 30MKI – سڀ J 10C ذريعي هٽ ڪيا ويا PL 15 BVR (يعني نظر نه ايندڙ ميزائيلن سان تباهه ڪيا ويا. انهن ميزائلن جي لانچنگ 15هين اسڪواڊرن جي پائلٽس ڪئي، جن کي جلد هڪ رسمي تقريب ۾ اعزازن سان نوازيو ويندو. اندروني ذريعن موجب، هي جھڙپ هڪ سوچي سمجهي حڪمت عملي ۽ جوابي حملو هو؛ بيٺل بمقابله حملو لاءِ معتبر انٽيليجنس ملي هئي. ان جي بنياد تي PAF 4 دفاعي ڪائونٽر ايئر فارميسيشن قائم ڪيون ۽ اليڪٽروميگنيٽڪ اسپيڪٽرم مينيجمينٽ سسٽم ذريعي 60+ ڀارتي طيارن جي نگراني ڪئي. هڪ عهديدار چيو: “اسان هي جنگ پنهنجي شرطن تي وڙهي، اسانجو هدايتي نظام مڪمل طور فعال هو. جڏهن جهاز فضا ۾ هليا، ته حڪمت عملي دفاع کان مار ڪرڻ ڏانهن تبديل ٿي وئي. ڪوبرَاز اسڪواڊرن مڪمل درستگي ۽ ڪنٽرول سان پنهنجو مشن مڪمل ڪيو.” ترجيحي هدفن ۾ ڀارتي فضائيه جو فخر “رافيل” جهاز شامل هئا، جيڪي 2019 ۾ ڀارتي فوج ۾ شامل ٿيا هئا. عهديدار موجب: “ڀارتين سوچيو هو رافيل سندن لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندا، تنهنڪري اسان انهن کي پهريون هدف بڻايو.” ڀارت شروعات ۾ خاموش رهيو؛ 11 مئي تي آئي اي ايف ڊائريڪٽر جنرال ائير مارشل A K بھارتي چيو ته نقصان جنگ جو حصو آهن ۽ سڀ پائلٽ بغير نقصان جي واپس موٽي آيا آهن . پر 31 مئي تي شنگريلا ڊائلاگ دوران، ڀارت جي چيف آف ڊيفنس اسٽاف جنرل انيل چوهاڻ جهاز ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو ته اهو نقصان ”ٽيڪٽيڪل غلطين“ سبب ٿيو هو. جنهن تي مٿس سخت تنقيد ڪئي وئي هئي.
ڪوبرَاز جي تاريخ:
اهو اسڪواڊرن نمبر 15 اعليٰ سطح جي آپريشنز ۾ شاندر تجربي سان ليس آهي. هي 1956 ۾ قائم ٿيو ۽ 1959 ۾ پاڪستان جي پهرين تصديق ٿيل فضائي فتح جي دعويٰ ڪئي. 1965 ۽ 1971 جي جنگين ۾ بهترين ڪردار ادا ڪيو. سوويت افغان جنگ دوران ڊيورنڊ لائن تي گشت ۽ دشمن جي نقل و حرڪت روڪڻ ۾ به حصو ورتو. تازي فضائي جھڙپ کان اڳ ڪوبرَاز 2019 جي آپريشن سوئفٽ ريٽوٽ ۾ ڀارت جي بالاڪوٽ تي فضائي حملن جي جواب ۾ پاڪستاني جوابي ردعمل ۾ حصو ورتو. هن مشن ۾ ڪوبرَاز جا 2 ميراج جهاز راجوري سيڪٽر ۾ Narian Army Base ويجهو ايڇ 4 گلائيڊ بم سان ٽارگيٽ کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو. ان کان پوءِ اسڪواڊرن ٽرانسفارميشن شروع ڪيو. 2022 ۾ چين جي ٺهيل جديد J 10C ملٽي رول طيارن سان ليس ٿيو. پراڻا ميراج طيارا نمبر 50 اسڪواڊرن کي ڏنا ويا. J 10C سان ڪوبرَاز کي پاڪستان جو فرسٽ لائن اسٽرائڪ يونٽ آهي. J 10Cجنگي جهاز جديد ريڊار، ڊيٽا لنڪ ۽ BVR صلاحيتن سان ليس آهن، جيڪي انهن کي فضائي برتري ۽ درستگي سان حملو ڪرڻ جي قوت ڏين ٿا. ان اسڪواڊرن کي وڌيڪ اهميت ان ڳالهه سان ملي آهي ته موجوده ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو به اڳ ۾ اسڪواڊرن نمبر 15 جو ڪمانڊر رهيو آهي. 7 مئي جي رات هو اسلام آباد ۾ آپريشن سينٽر کان مشن جي سڌي نگراني ڪري رهيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو