ڀارتي ڳائڻي دلير مهندي جي سزا خلاف هاءِ ڪورٽ جو حڪم

ڀارتي ڳائڻي دلير مهندي جي سزا خلاف هاءِ ڪورٽ جو حڪم

ممبئي (ويب ڊيسڪ)پنجاب ۽ هريانا هاءِ ڪورٽ اڄ ڀارتي ڳائڻي دلير مهندي کي راحت ڏني، جيڪو هن سال جي شروعات ۾ 2 سال قيد جي سزا ملڻ کانپوءِ جولاءِ کان جيل ۾ هو ۽ سندس سزا خلاف اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو هو.ياد رهي ته دلير مهندي خلاف 2003 ۾ انساني اسمگلنگ جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو ۽ دهلي ۾ سندس آفيس تي ڇاپو هنيو ويو هو، جنهن تي پٽيالا جي عدالت کيس 2 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.ان کان اڳ کيس 2018ع ۾ قيد ۽ 1000 رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي هئي. جنهن تي هن ان فيصلي خلاف ايڊيشنل سيشن جج پٽيالا جي عدالت ۾ اپيل ڪئي، پر عدالت جولاءِ ۾ ان کي رد ڪندي کيس جيل موڪلي ڇڏيو.جنهن تي دلير مهندي جي وڪيلن سندس خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي ۽ هاڻي پنجاب ۽ هريانا هاءِ ڪورٽ سندن اپيل تي پٽيالا ڪورٽ جي فيصلي تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو