ڀارتي پراڪسي جا 30 دهشتگرد افغان سرحد پار ڪندي مارجي ويا

ڀارتي پراڪسي جا 30 دهشتگرد افغان سرحد پار ڪندي مارجي ويا

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)فوج جي ميڊيا ونگ آءِ ايس پي آر جمعي ڏينهن ٻڌايو آهي ته “هندستاني پراڪسي” تنظيم سان لاڳاپيل 30 خارجي دهشتگرد افغانستان مان سرحد پار ڪندي مقابلي ۾مارجي ويا آهن. مارجي ويل دهشتگرد 2 ۽ 3 مئي جي وچ واري رات خيبرپختونخوا جي ضلعي اتر وزيرستان جي تحصيل حسان خيل ۾ پاڪ افغان سرحد عبور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. ياد رهي ته گذريل سال جولاءِ ۾ حڪومت پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان (TTP) کي “فتنه الخوارج” قرار ڏنو هو، ۽ سمورن ادارن کي هدايت ڏني وئي هئي ته پاڪستان تي ٿيندڙ دهشتگرد حملن جي ذميوارن کي “خارجي” جي نالي سان سڏيو وڃي. آءِ ايس پي آر مطابق، “فوج جي بهادري ۽ مهارت سان ڀرپور جوابي ڪارروائي ۾، هندستان جي حمايت يافته 30 خوارجن کي دوزخ موڪليو ويو .” بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته“مارجي ويل دهشتگردن وٽان وڏي تعداد ۾ هٿيار، ڌماڪيدار مواد ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن.” آءِ ايس پي آر سيڪيورٽي فورسز جي “غيرمعمولي پيشه ورانھ مهارت، چوڪسي ۽ تياري” جي واکاڻ ڪئي، جيڪا ممڪنه تباهي کان ملڪ کي بچائڻ ۾ ڪامياب رهي. فوج جي ميڊيا ونگ افغان حڪومت تي زور ڀريو ته “افغان سرزمين کي ’غير ملڪي پراڪسي‘ جي طور تي پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪيو وڃي.” بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته: “پاڪستان جون سيڪيورٽي فورسز ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ۽ هندستان جي حمايت يافته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهن.” صدر آصف علي زرداري سيڪيورٽي فورسز جي بهادري جي واکاڻ ڪئي ۽ ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ “ڏاڍي عزم واري” عهد جو ورجاءُ ڪيو. صدر جي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان مطابق، زرداري چيو ته: “دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين آپريشن جاري رهندا.” وزيراعظم شهباز شريف به ان انٽيليجنس بيسد آپريشن جي ساراهه ڪندي چيو، “پاڪستان جي بهادر فوج ملڪ جي حفاظت لاءِ هڪ مضبوط ڀت جيان بيٺل آهي،” جيئن ته ايسوسيئيٽڊ پريس آف پاڪستان رپورٽ ڪيو. هن وڌيڪ چيو: “سڄي قوم سيڪيورٽي فورسز کي سلام پيش ڪري ٿي.” تحريڪ طالبان پاڪستان جي نومبر 2022 ۾ حڪومت سان جنگبندي ختم ڪرڻ کانپوءِ خاص طور تي خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ دهشتگرد حملن ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي. هي ڪارروائي صرف ڪجهه ڏينهن پوءِ ٿي، جڏهن بلوچستان جي دڪي ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز ٻن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. مئي جي مهيني ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار ڪانفلڪٽ اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز (PICSS) طرفان جاري ڪيل سيڪيورٽي جائزي مطابق ملڪ ۾ 85 دهشتگرد حملا ٿيا، جن ۾ 113 ڄڻا مارجي ويا. انهن ۾ 52 سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار، 46 شهري، 11 دهشتگرد ۽ 4 امن ڪميٽي جا ميمبر شامل هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو