ڀارتي آپريشن، ايڪس تي ٽاپ ٽرينڊ ’سندور بڻجي ويو تندور‘

ڀارتي آپريشن، ايڪس تي ٽاپ ٽرينڊ ’سندور بڻجي ويو تندور‘

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڀارت پاران پاڪستان جي شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ ۽ حملن کي ڀارتي حڪومت پاران “آپريشن سندور” جو نالو ڏنو ويو آهي، جڏهن ته مائڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ايڪس (X) تي “سندور بڻجي ويو تندور” جو ٽاپ ٽرينڊ رهيو. ڀارت پنهنجي جارحيت ۽ پاڪستان جي شهري آبادي تي دهشتگرد حملن کي “آپريشن سندور” جو نالو ڏئي همدردي ۽ حمايت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڀارتي حڪومت جا ارادا ناڪام ٿي ويا. خليجي اخبار ’گلف نيوز‘ موجب، پاڪستان تي حملن کي “آپريشن سندور” جو نالو ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي طرفان ڏنو ويو. ڀارت پاڪستان تي حملن کي “آپريشن سندور” جو نالو ڏئي 22 اپريل تي والاريل ڪشمير جي علائقي پهلگام ۾ سياحن تي ٿيل حملي جو بدلو قرار ڏنو. ڀارت شروع کان ئي پهلگام واقعي جا الزام، ڪنهن به ثبوت کان سواءِ، پاڪستان تي لڳائيندو رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان انهن الزامن جي مسلسل ترديد ڪندو رهيو آهي. ياد رهي ته “سندور” هندن جي شادي شده عورتن طرفان سينڌ تي لڳايو ويندو آهي، ۽ هندومت جي عقيدي مطابق، سندور عورت جي شادي شده هجڻ جي علامت آهي، جيڪو مڙس جي وفات تي هٽايو ويندو آهي. ڀارتي ميڊيا مطابق، پهلگام واقعي ۾ سڀ هندو مرد مارجي ويا هئا ۽ انهن جون زالون بيواهه ٿي ويون هيون، تنهن ڪري ڀارت، بدلي جي نالي تي پاڪستان تي دهشتگرد حملو ڪري، ان کي “آپريشن سندور” جو نالو ڏنو. پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا پليٽ فارم X تي “آپريشن سندور بڻجي ويو تندور” ٽرينڊ ڪرڻ لڳو آهي ۽ پاڪستاني صارفين ڀارتي حملن کي ناڪامي قرار ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو