ڀارت، چيمپئنز ٽرافي لاءِ نه آيو ته پاڪستان به ساڻن ڪا ميچ نه کيڏنو

ڀارت، چيمپئنز ٽرافي لاءِ نه آيو ته پاڪستان به ساڻن ڪا ميچ نه کيڏنو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيمپئنز ٽرافي لاءِ ڀارت جي پاڪستان ۾ نه کيڏڻ واري فيصلي بابت انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان ڀارت کي ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ ابتدائي رد عمل طور چيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت پاڪستان اچي نه کيڏندو ته پاڪستان به مستقبل ۾ ڀارت سان ڪنهن به ٽورنامينٽ ۾ ميچ نه کيڏندو. ان حوالي سان باضابطا طور تي فيصلو ناهي ڪيو پر هن ڀيري پاڪستان سخت جوابي قدم جو فيصلو ڪيو آهي. انگلينڊ ۽ نيوزيليند سميت دنيا جون سڀ وڏيو ٽيمون پاڪستان جا دورا ڪري رهيون اهن ۽ سيڪورٽي جو ڪو مسئلو ناهي، اهڙي ۾ ڀارت جي نه کيڏڻ جو ڪو جواز ناهي. اسپورٽس جي اسپرٽ سبب پاڪستان سدائين ڀارت کي اڪموڊيٽ ڪيو آهي پر هاڻي ڀارت حد پار ڪري چڪو هي. 2025 ۾ چيمپئنز ٽرافي آءِ سي سي ڪرائي رهي آهي ۽ گهڻو اڳ ڀارت ان لاءِ آمادگي ظهر ڪرڻ بعد عين وقت تي جيڪڏهن ڪنهن ٽئين ملڪ م کيڏڻ چاهي ٿو ته پاڪستان هائبرڊ سيسٽم کي فالو نه ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو