ڀارت، آمريڪا ۽ اسرائيل شيطاني ٽڪنڊي وانگر آهن

ڀارت، آمريڪا ۽ اسرائيل شيطاني ٽڪنڊي وانگر آهن

ڪراچي/سکر (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ڀارت، آمريڪا ۽ اسرائيل شيطاني ٽڪنڊي وانگر آهن، جن جا هٿ مسلمانن جي رت سان رنگيل آهن۔ هن وقت پوري انسانيت جو مقابلو شيطان جي پوڄارين سان آهي۔ ايپسٽين فائلز انهن جي درندگي کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي۔ صدر ٽرمپ خونخوار درندو بڻيل آهي ۽ حڪمرانن ٽرمپ کي نوبل انعام لاءِ نامزد ڪري قومي وقار کي مجروح ڪيو آهي۔ جيڪي ٽرمپ کي پنهنجو خدا ۽ پاڻ کي سندس غلام سمجهن ٿا۔ مغربي قومن ٻن جنگين ۾ 12 ڪروڙ ماڻهن کي قتل ڪيو، آمريڪا هڪ خونخوار درندو آهي۔ جمهوريت جون دعويدار سياسي پارٽيون اسٽيبلشمينٽ جي هنج ۾ ويٺيون آهن۔ پيپلزپارٽي هن وقت اسٽيبلشمينٽ جي اي پلس ٽيم بڻيل آهي۔ هڪ خاندان جا چاليهه وڏيرا پيپلزپارٽي جي سڃاڻپ آهن، جڏهن ته مسلم ليگ به هڪ خاندان جي پارٽي بڻجي چڪي آهي۔ سنڌ ۾ ڏوهارين جو راڄ ۽ ادارن ۾ ڪرپشن عروج تي آهي۔ سنڌ ۾ 78 لک ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن۔ جيڪي تعليمي ادارا موجود آهن اهي به بنيادي سهولتن کان محروم آهن۔ اهڙي قيادت کان نجات حاصل ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي۔ عيد کان پوءِ عوامي مسئلن جي حل لاءِ ”بدلايو نظام“ نالي هيٺ هڪ وڏي تحريڪ شروع ڪري رهيا آهيون۔اهڙن خيالن جو اظهار هن جماعت اسلامي سکر پاران منعقد ڪيل عوامي دعوتِ افطار کي خطاب ڪندي ڪيو۔ ان موقعي تي صوبائي امير ڪاشف سعيد شيخ، نائب امير پروفيسر نظام الدين ميمڻ، ضلعي امير زبير حفيظ شيخ، ريلوي پريم يونين جي جنرل سيڪريٽري خير محمد تنيو، الخدمت جي ضلعي صدر رضا الله گھمرو، مرڪزي ميڊيا ڊائريڪٽر سلمان شيخ، سيڪريٽري اطلاعات سنڌ مجاهد چنا پڻ موجود هئا، جڏهن ته شهر جون سياسي ۽ سماجي شخصيتون، واپاري، صحافي ۽ معزز شهرين به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ حافظ نعيم الرحمن وڌيڪ چيو ته الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته پاڪستان ايٽمي صلاحيت رکندڙ ملڪ آهي، جيڪڏهن ايران وٽ به ايٽمي صلاحيت هجي ها ته ايران تي حملو نه ٿئي ها۔ ايٽمي قوت کي اتحادِ امت ۽ قومي وقار جي حفاظت لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي۔ حڪومت ۽ اپوزيشن سميت پي ٽي آئي اسرائيل ۽ آمريڪا جي درندگي جي مذمت ڪرڻ لاءِ به تيار ناهن۔ ام رباب چانڊيو جي چاچي سميت سندس خاندان جي ٽن ماڻهن کي قتل ڪيو ويو ، اسان عدالت کان اميد رکون ٿا ته اها مظلومن جي حق ۾ فيصلو ڏيندي۔ هن وڌيڪ چيو ته رمضان الله تعاليٰ جو انعام آهي۔ روزو الله سان تعلق کي مضبوط ڪري ٿو۔ ان کان اڳ صوبائي امير ڪاشف سعيد شيخ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته هن وقت باب الاسلام سنڌ بدامني جي ور چڙهيل آهي۔ اندهيري نگری چرٻٽ راڄ وارو حال آهي۔ جماعت اسلامي ”بدلايو نظام، سنواريو سنڌ کي“ مهم هلائي رهي آهي۔ ڇاڪاڻ ته نظام ۽ قيادت جي تبديلي سان ئي سنڌ ترقي ڪري سگهي ٿي ۽ عوام سک جو ساهه کڻي سگهندو۔ ان موقعي تي ضلعي امير سکر زبير حفيظ شيخ مرڪزي امير کي ڀليڪار ڪندي چيو ته سنڌ ۾ گذريل 18 سالن کان لڳاتار پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي، پر سنڌ جو ٽيون وڏو شهر بدامني، پاڻي ۽ زندگي جي بنيادي سهولتن کان محروم آهي۔#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو