پ پ ۽ اي اين پي فيصلي تي نظرثاني ڪن، مولانا

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته استعيفائون ملي ويون آهن، ڳالهين لاءِ تيار آهيون، پ پ ۽ اي اين پي فيصلي تي نظرثاني ڪن، پي ڊي ايم جي تحريڪ جاري رهندي، پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان نااهل، ڪرپٽ حڪومت کي گهر موڪلڻ تائين تحريڪ جاري رهندي، شروع کان ئي پي ڊي ايم کي متحد ڪرڻ جون ڪوششون جاري هيون، ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته هنن پي ڊي ايم کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي، موقعوآهي ته فيصلن تي نظرثاني ڪري پي ڊي ايم سان رابطو ڪن، پنهنجي فيصلن تي نظرثاني ڪيو، پي ڊي ايم اوهان کي ٻڌڻ جي لاءِ تيار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو