پ پ کي رڪارڊ ڪمن جي ڪري عوام ووٽ ڏنو: ناصر شاهه

پ پ کي رڪارڊ ڪمن جي ڪري عوام ووٽ ڏنو: ناصر شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بلديات واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته رڪارڊ ڪمن جي ڪري عوام پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏنو. سنڌ اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي ناصر حسين شاهه چيو ته پيپلز پارٽي کي 2013ع کان وڌيڪ 2018ع ۾ سيٽون مليون، تمام گهڻي ڪوشش ڪئي وئي ته گذريل چونڊن ۾ پي پي کي شڪست ڏني وڃي. هن چيو ته هر چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي سيٽن ۾ اضافو ٿيو، ايندڙ اليڪشن ۾ به پي پي اڳ کان وڌيڪ سيٽون کڻي ڪامياب ٿيندي. ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته عظيم پوره فلائي اوور کي 94 ڏينهن ۾ تعمير ڪيو ويو، ڪراچي ۾ ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري آهي. رڪارڊ ڪمن جي ڪري عوام پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏنو، هڪ وڏي عرصي کانپوءِ ملڪ کي ڪم ڪندڙ وزيراعظم مليو آهي. صوبائي بلديات واري وزير اهو به چيو ته بجيٽ ۾ ڪيتريون ئي اسڪيمون مڪمل ٿيڻ واريون آهن، 1 هزار کان وڌيڪ اسڪيمون مڪمل ٿيون آهن، بااختيار لوڪل گورنمنٽ سنڌ ۾ آهي. هن چيو ته بلدياتي ادارن به اسڪيمون مڪمل ڪيون آهن، پنجاب جي قانون ۾ بلدياتي ادارن وٽ اختيار ناهن.

پهنجو تبصرو موڪليو