شهيد ڀٽو ريفرنس تي عدالت جو هر فيصلو قبول هوندو: شرجيل

شهيد ڀٽو ريفرنس تي عدالت جو هر فيصلو قبول هوندو: شرجيل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي چيو آهي ته جيڪڏهن عدليه ڀٽو ريفرنس ٻڌي ته پيپلز پارٽي عدالت جو هر فيصلو مڃڻ لاءِ تيار آهي.پنهنجي بيان ۾ شرجيل ميمڻ سوال ڪيو ته ڇا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو قصور اهو هو ته هن ايٽمي پروگرام جو بنياد وڌو؟هن چيو ته شهيد ڀٽو جي غلطي هئي ته هن ملڪ کي متحد آئين ڏنو، عدليه آصف زرداري جي ريفرنس تي ڇو نه ٻڌي؟ هن سوال ڪيو ته ڇا شهيد ڀٽو جي عدالتي قتل جو ريفرنس ناقابل قبول آهي؟شرجيل ميمڻ پنهنجي تقرير جي پڄاڻي ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي عدالت جو هر فيصلو مڃڻ لاءِ تيار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو