اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو کي سينيٽ چونڊن لاءِ پارٽي ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ مير اعجاز جکراڻي پارٽي طرفان اڳوڻي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو کي سينيٽ جي ٽڪيٽ ڏني.ٻئي طرف پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صوبائي صدر جعفر خان مندوخيل چيو آهي ته مير دسين ڊومڪي (ن) ليگ جو اميدوار هوندو، پارٽي صدر شهباز شريف کيس ٽڪيٽ جاري ڪئي آهي.










