پ پ سرڪار گونگي ۽ ٻوڙي بڻيل آهي:ڪاشف شيخ

پ پ سرڪار گونگي ۽ ٻوڙي بڻيل آهي:ڪاشف شيخ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) امير جماعت اسلامي سنڌ ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته بدامني، لاقانونيت، قبيلائي جهيڙا، ڌاڙيل راڄ، ڪرپشن ۽ حڪومتي خراب ڪارڪردگي سبب اڄ سنڌ جو عوام ٻٽي عذاب هيٺ آهي، عوام جي محافظ پوليس موبائلن ذريعي هٿيار ۽ منشيات اسمگلنگ ٿيندي پڪڙجڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. ڌاڙيلن جي سهولتڪاري توڙي ماڻهن کي اغوا جا الزام به سنڌ پوليس تي لڳندا رهيا آهن. گورنر جي تبديلي توڙي حڪومت جي نه، پر نظام جي تبديليءَ سان ئي عوام ۽ سنڌ جي قسمت تبديل ٿي سگهي ٿي انڪري جماعت اسلامي ” بدلايو نظام کي، سنواريو سنڌ کي“ مُهم هلائي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب ۾ صحافين جي مان ۾ ڏنل افطار ڊنر کي خطاب دوران ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ڪوئلي، پيٽرول، گيس توڙي زراعت جي دولت سان مالا مال شاهوڪار سنڌ حڪمرانن جي ڪرپشن، بيڊ گورننس جي ڪري اڄ بُک، بدحالي ۽ غربت جو شڪار آهي. زمينن تي ولار کان ويندي ڪارونجهر جي ڪٽائي توڙي وسيلن جي بندر بانٽ ۽ پاڻي تي ڌاڙي ۾ پ پ حڪومت شامل آهي. آئين مطابق قدرتي وسيلن تي پهريون حق سنڌ جي ماڻهن جو هجڻ گهرجي، پر پ پ سرڪار گونگي ۽ ٻوڙي بڻيل آهي. 18 سالن کان سنڌ صوبي تي حڪومت ڪندڙ پيپلزپارٽي جي حڪومت عوام کي بُک، بدحالي، ڪرپشن، تعليم جي تباهي ۽ ڌاڙيل راڄ کان سواءِ ڪجهه به ناهي ڏنو. ڪاشف سعيد شيخ جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪراچي کان ڪشمور تائين بااختيار ۽ با وسائل بلدياتي نظام ڏئي محرومين جو خاتمو ۽ الڳ صوبي جي مطالبي جو رستو بند ڪري سگهجي ٿو، پر پ پ حڪومت مڪاني کاتن کي بااختيار بڻائڻ بدران هڙئي اختيار پاڻ وٽ رکي ڪرہشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. سنڌ اهو خوش نصيب صوبو آهي جتان 26 قسمن جون معدنيات نڪرن ٿيون، جن ۾ تيل، گيس، پيٽرول، ڪوئلو ۽ زراعت شامل آهن. گورک هل، ونڊ پاور، بندرگاهون ۽ سمنڊ به سنڌ ۾ موجود آهن، پر ان سڀ ڪجهه باوجود وفاق هجي يا پيپلز پارٽي جي ظالمانه حڪومت، نتيجي ۾ سنڌ جي 44 سيڪڙو گهرن وٽ گيس موجود ناهي، 30 سيڪڙو گهر بجلي جي سهولت کان محروم آهن، جڏهن ته 45 سيڪڙو ماڻهو غربت جي لڪير هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. ٿر ۾ معصوم ٻار موت جي منهن ۾ وڃي رهيا آهن. تعليم تباهه ٿي چڪي آهي، پنج هزار گوسٽ اسڪول ۽ گوسڙو استاد موجود آهن، 78 لک ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، جڏهن ته تعليمي ادارا بجلي، واش روم، فرنيچر ۽ چارديواري جهڙين بنيادي سهولتن کان محروم آهن. امن پسند سرزمين سنڌ بدامني، سماجي براين، منشيات، ڪرپشن ۽ ڏوهاري سرگرمين جو مرڪز بڻجي چڪي آهي. زلزلو هجي يا ٻوڏ جماعت اسلامي سنڌ واسين جي هر ڏکي مرحلي تي مدد ڪئي آهي، انڪري هاڻي سنڌ جي عوام کي گهرجي ته بار بار آزمايل وڏيرن ۽ ڀوتارن کي رد ڪري جماعت اسلامي کي ووٽ جي طاقت سان اڳتي آڻين ته جيئن سندن دردن جو درمان ٿي سگهيھن موقعي تي صوبائي اڳواڻ پروفيسر نظام الدين ميمڻ، حافظ نصرالله چنا، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري علامہ حزب الله جکرو، امداد اللہ بجاراڻي ۽ اطلاعات سيڪريٽري مجاھد چنا پڻ موجود ھئا.#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو