پ پ بنا ڪنهن فرق جي عوام جي خدمت ڪرڻ تي يقين رکي ٿي:مرتضيٰ

پ پ بنا ڪنهن فرق جي عوام جي خدمت ڪرڻ تي يقين رکي ٿي:مرتضيٰ

ڪراچي (رپورٽر) ايڊمنسٽريٽر ڪراچي، سنڌ جي قانون واري صلاحڪار ۽ ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي حڪومت بنا ڪنهن فرق جي عوام جي خدمت ڪرڻ تي يقين رکي ٿي، عوام جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي. ڪراچي نيڀر هڊ امپروومينٽ پروجيڪٽ تحت ڪراچي جي ترقي لاءِ ڪيترائي منصوبا زير تعمير آهن، فشر مين چورنگي کان يو ايم سي ڊي تائين 2.1 ڪلوميٽر ٻن پاسن واري روڊ تعمير ڪئي پئي وڃي، انٽر سيڪشن 9 هزار روڊ کان پهاڙي گرائونڊ تائين روڊ به ٻنهي پاسن جي روڊ تعمير ڪئي پئي وڃي، پهاڙي گرائونڊ ۾ فيملي پارڪ ۾ ڪرڪيٽ گرائونڊ به تعمير ڪيو ويندو، روڊن جي تعمير سان گڏ فوٽ پاٿ، اسٽريٽ لائيٽ، وڻ پوکڻ ۽ ڊسٽ بنز جي تعمير جو ڪم مڪمل ڪيو ويندو، 30 نومبر تائين هي ڪم مڪمل ڪيا ويندا، اهڙن خيالن جو اظهار هن افتتاجي تقريب کي خطاب ڪندي چيو، ان موقعي تي ميونسپل ڪمشنر ڪي ايم سي افضل زيدي، ڪراچي نيبر هوڊ امپروومينٽ پروجيڪٽ جي پي ڊي نذير ميمڻ، پيپلز پارٽي اڳواڻ جاويد شيخ، جاني ميمڻ، معظم قريشي ۽ ٻيا پ پ جا مقامي اڳواڻ پڻ موجود هئا، ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هڪ سال اڳ چورنگي جو افتتاح ڪرڻ آيو هو ۽ هن وزير اعلي کي چيو ته چورنگي کي ڳنڍيندڙ روڊ جي به مرمت به ٿيڻ ضرورت آهي ان ئي وقت هدايت ملي ته 16000 روڊ ٺاهيو وڃي، هاڻي عوام سان ڪيل هڪ ٻيو واعدو پورو ڪرڻ لاءِ ان منصوبي تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي اتي پارڪ ۽ روڊ تعمير ٿي رهيا آهن، هي پروجيڪٽ سياسي اڳواڻن پاران عوام لاءِ تحفو آهي، ملير جي ٻيو علائقو جيڪو لانڍي طرف آهي اتي ترقياتي منصوبي جو پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو آهي، سنڌ حڪومت صنعت ڪارن جي درخواست تي روڊ تعمير ڪري رهي آهي، ان کان علاوه مهراڻ هاءِ وي تي به ڪم شروع ٿي ويو آهي، جنهن تي سوا ارب رپيا لاڳت ايندي. هن چيو ته علائقي جي ترقي جو هي سفر بلاول ڀٽو زرداري شروع ڪيو، هن علائقي جو وڏو مسئلو ڪچرو آهي، سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ علائقي ۾ ڪچري جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته صفائي لاءِ مڪينيڪل سوائپنگ جو به انتظام ڪيو پيو وڃي، پاڻي چوري ۽ لڪيج کي روڪڻ لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙي وئي آهي، غير قانوني هائيڊرنٽس هٽائڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن، فشرمين چورنگي پاڪستان پيپلزپارٽي ٺاهي هئي، هن چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت نظرانداز ٿيل علائقن جي ترقي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي، هن چيو ته اورنج لائين بس سروس لاءِ 49 بسون ڪراچي پهچي ويون آهن، ريڊ لائن جي تعميراتي ڪم لاءِ ٽينڊرنگ به ٿي چڪي آهي، هن چيو ته ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ ايمبولينس سروس 1122 لاءِ 280 نيون ايمبولينسون پڻ ڪم شروع ڪري ڇڏينديون، فائر برگيڊ کي به ان سان گڏ جوڙيو ويندو ته جيئن ڪنهن حادثي جي صورت ۾ فوري امدادي ڪارروائي ڪري سگهجي، اها سروس ڪراچي شهر مان شروع ڪئي ويندي ۽ اها به بلاول ڀٽو زرداري جي واعدي جي تڪميل آهي، هن چيو ته ڪورنگي ۾ ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم جاري آهي. روڊن جي تعمير ۾ پارڪنگ جي جڳھ فراهم ڪئي پئي وڃي، پارڪن جي تعمير ماڊرن ڊيزائن تي ڪئي پئي وڃي ان سان گڏ سمورين ضرورتن جو خيال رکيو پيو وڃي، گذريل هفتي ابراهيم حيدر 4 ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويا ڪراچي ۾ ترقي جو سفر جاري آهي، ماضي ۾ ڪراچي جا ڪيترائي علائقا ترقياتي منصوبن کان محروم هئا. پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي جي هڪ جهڙي ترقي جو خواهشمند آهي، هن چيو ته ڪجھ ماڻهن جو ڪم رڳو تنقيد ڪرڻ آهي، سنڌ حڪومت شهرين کي تفريحي سهولتون فراهم ڪي رهي آهي جنهن جي مثال پيپلز اسڪوائر ۾ منوڙا بيچ جي تعمير آهي جتي روزاني جي بنياد تي هزارين ماڻهو تفريح لاءِ وڃڻ ٿا، ان موقعي تي پي ڊي ڪراچي نيبر هوڊ پروجيڪٽ نذير ميمڻ ۾ جاويد شيخ پڻ خطاب ڪيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو