پگهار نه ملي،ٽائون ملازم جي بک هڙتال،لڙڪ لاڙي ويٺو

پگهار نه ملي،ٽائون ملازم جي بک هڙتال،لڙڪ لاڙي ويٺو

ٽنڊوباگو(ن سنڌيار) ٽائون ڪميٽي ٽنڊوباگو جي ملازم پاران پگهار نه ملڻ تي پنهنجي پٽن سان گڏ پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال. صحافين اڳيان داهيندي لڙڪ لاڙي ويٺو. پنهنجي حڪومت ۾ پارٽي ورڪرن کي ذليل ڪيو پيو وڃي. خبر موجب ٽائون ڪميٽي ٽنڊوباگو جي ملازم ۽ پيپلزپارٽي ٽنڊوباگو سٽي جي نائب صدر محمد رفیق مڱڻهار پاران ٽائون ڪميٽي انتظامیہ پاران سندس پگهار بند ڪرڻ خلاف پنهنجي بيروزگار پٽن ۽ پوٽن سان گڏ ٽنڊوباگو پريس ڪلب اڳيان ٽائون ايڊمنسٽريٽر ۽ ٽي ايم او خلاف بک هڙتال دوران دانهون ڪندي ۽ روئيندي چيو ته آئون دل جي بيماري جو مريض آهيان، پگهار نه ملڻ ڪري گهر ۾ فاڪه ڪشي جي ڪري ٻچا بکون ڪاٽي رهيا آهن. برساتن سبب ماڻهو دربدر آهن، هن ٻڌايو ته گذريل 9 مهينن کان وٺي ٽائون انتظاميا ملازمن جي پگهارن مان 5 کان 25 روپيا ڪٽوتي ڪري ٿي، هن مهيني ۾ ڪٽوتي ڪرڻ باوجود سندس بنا جواز جي پگهار بند ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته پنهنجي حڪومت ۾ پارٽي ورڪرن کي تنگ ۽ ذليل ڪيو پيو وڃي. هن بلاول ڀٽو زرداري، پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو ۽ ضلعي صدر حاجي رمضان چانڊيو کي اپيل آهي ته هو بيمار آهي، ٽائون ڪميٽي جي انتظاميا جي ظلم کان بچائي کيس پگهار ڏياري وڃي. هن چيو ته جيستائين کيس پگهار نٿو ڏنو وڃي هو روز پريس ڪلب اڳيان احتجاجي بک هڙتال ڪندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو