پي ڊي ايم پاران 29 آگسٽ تي ڪراچي ۾ جلسو ڪرڻ جو اعلان

پي ڊي ايم پاران 29 آگسٽ تي ڪراچي ۾ جلسو ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو  رپورٽ) اپوزيشن جي اتحاد پي ڊي ايم حڪومت خلاف  تحريڪ جو نئون مرحلو شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪندي 29 آگسٽ تي ڪراچي ۾ جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.  نون ليگ جي ميزباني ۾ ٿيل سربراهي اجلاس ۾ ميان نواز شريف لنڊن مان ۽ مريم نواز لاهور کان ويديو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس بعد مولانا فضلالرحمان ۽ ميان شهباز شريف بريفنگ ڏيندي چيو ته ملڪ داخلي ۽ خارجي انتشار جو شڪار آهي. افغانستان بابت گڏيل قومن جي سلڪامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستان کي دعوت نه ڏيڻ ناڪامي جو ثبوت آهي. هنن چيو ته نيب مخالفن کان سياسي انتقام وٺڻ جو ادارو بڻجي ويو آهي. اسين ميڊيا تي پابندين جي مزمت ٿا ڪريو ۽ ايف آءِ اي غنڊو گردي بند ڪري، صحافين خلاف داخل ڪيس واپس ورتا وڃن. هنن وڌيڪ چيو ته ڪشمير چونڊ نتيجا رد ڪريون ٿا، افغانستان جي مستقبل جو فيصلو افغان قوم کي ڪرڻ ڏيڻ جي پاليسي جي حمايت ڪريون ٿا،. مولانا فضل الرحمان چيو ته آفتاب خان شير پائو کي پي ڊي ايم جو سينئر نائب صدر مقرر ڪيو ويو آهي.  اجلاس ۾ عثمان ڪاڪڙ ۽ ٻين جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو