پي ڊي ايم پاران پوري ملڪ ۾ جلسن جو شيڊول جاري

پي ڊي ايم پاران پوري ملڪ ۾ جلسن جو شيڊول جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ عهديدارن ۽ احتجاجي جلسن جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس بعد احسن اقبال بريفنگ ۾ ٻڌايو ته پي ڊي ايم جو صدر اڳ ۾ ئي مولانا فضل الرحمان کي چونڊيو ويو هو، اڄ سينئر نائب صدر راجه پرويز اشرف، جنرل سيڪريٽري شاهد خاقان عباسي ۽ اطلاعات سيڪريٽري ميان افتخار کي مقرر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پي ڊي ايم جو پهريون جلسو 16 آڪٽوبر تي گجرانولا ۾ ٿيندو، 18 آڪٽوبر تي ڪراچي، 25 آڪٽوبر تي ڪوئٽا ۾ جلسو ٿيندو. هن ٻڌايو ته 22 نومبر تي پشاور ۽ 30 نومبر تي ملتان ۾ جلسو ڪنداسين جنهن بعد مرڪزي جلسو 13 ڊسمبر تي لاهور ۾ ڪيو ويندو. هن چيو ته عوام پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيندو. هن نواز شريف سميت اپوزيشن جي 40 اڳواڻڻ تي بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته حيراني ان ڳالهه جي آهي ته آزاد ڪشمير جي وزيراعظم تي به ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جيڪوڪشمير ڪاز لاءِ وڏو ڌچڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو