خانپور(رپورٽ عتيق ابڙو) انڊس ھاء وي جتوئي ڪانٽا وٽ هٿيار بندن جو اڳوڻي ٽائون چيئرمين افضل آرائين جي ويگو گاڏي تي قاتلاڻو حملو ڪيو ويو گاڏي مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي وئي. جنهن جي نتيجي ۾ اڳوڻي ٽائون چيئرمين سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن ۾ پي پي اڳواڻ سيٺ محمد افضل آرائين، پوليس اھلڪار عامر قريشي ،ذاتي محافظ اسماعيل آرائين ويگو ڊرائيور جاويد ميراڻي ۽ واٽھڙو سھيل احمد شامل آهن. واقعي جي اطلاع تي سوين آرائين برادري جا ماڻھو ۽ شھري واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ زخمين کي خانپور اسپتال منتقل ڪيو جتي زخمين کي طبي امداد ڏيڻ بعد سيٺ محمد افضل آرائين سميت ٽن ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو. اھڙي واقعي جي اطلاع بعد اسپتال ۾ شھرين جو ھجوم گڏ ٿي ويو. سکر جي اسپتال ۾ اڳوڻي ٽائون چيئرمين سيٺ محمد افضل آرائين جي آپريشن ٿي سکر جي نجي اسپتال ۾ وفاقي وزير مير عابد حسين ڀيو پھچي سندس سان عيادت ڪئي ان موقعي تي مير عابد خان ڀيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سيٺ محمد افضل آرائين پ پ جو سرمايو آھي ۽ اسان جو وڏو آھي اھڙي قاتلاڻي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي ايس ايس پي شڪارپور کي ھدايت ڏني آھي ته افضل آرائين مٿان حملو ڪندڙ جوابدار کي جلد گرفتار ڪري قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ کيس تحفظ فراھم ڪيو وڃي. خانپور ٽائون ڪاميٽي چيئرمين مير مھدي حسن جتوئي سکر پھچي افضل آرائين سان عيادت ڪئي ۽ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. ياد رھي ته اڳوڻي ٽائون چيئرمين سيٺ افضل آرائين مٿان پھريون به ٻہ دفعا قاتلاڻا حملا ٿي چڪا آهن. ياد رهي ته 2 سال اڳ بجاراڻي نوجوان جو گولي لڳل لاش آرائين برادري جي هڪ گهر مان مليو هو. بجاراڻين جي دعوا آهي ته ان قتل ۾ سيٺ افضل جو هٿ هو. جڏهن ته سيٺ جو چوڻ آهي ته هن جو لاڳاپيل آرائين برادري جي گهر مالڪ سان ڪو واسطو ئي ناهي. لاش ملڻ وقت زهر کاڌل سائرا آرائين نيم بيهوشي ۾ ملي هئي زهر کاڌل ڇوڪري مرڻ کان اڳ بيان ۾ چيو هو ته فوتي سندس واسطي وارو هو ۽ هن پاڻ کي گولي هڻي کيس زهر کارايو هو. ڇوڪري بعد ۾ اسپتال ويندي فوت ٿي هئي.










