پي ٽي سي ايل جا اڳوڻا ملازم پينشن جا مڪمل حقدار قرار

پي ٽي سي ايل جا اڳوڻا ملازم پينشن جا مڪمل حقدار قرار

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پي ٽي سي ايل جي اڳوڻي ملازمن کي پينشن جو مڪمل حقدار قرار ڏئي ڇڏيو آهي.سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ پي ٽي سي ايل ملازمن جي پينشن ڪيس ۾ 200 کان وڌيڪ اپيلن تي تفصيلي فيصلو جاري ڪيو آهي.چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس امين الدين پينشنرز جي حق ۾ فيصلو ڏنو، جڏهن ته انهن جسٽس عائشه جي فيصلي سان اختلاف ڪيو.پنهنجي فيصلي ۾، عدالت پي ٽي سي ايل جي اڳوڻي ملازمن کي پينشن جو مڪمل حقدار قرار ڏنو ۽ چيو ته مالي مسئلا اداري کي پينشن جي ادائيگي کان آزاد نٿا ڪن.عدالت حڪم ڏنو ته پي ٽي سي ايل 90 ڏينهن اندر پينشنرز لاءِ ادائيگي جو شيڊول تيار ڪري، ادائيگي جو عمل شفاف هجي ته جيئن متاثر پينشنرز جي جائز مطالبن جو ازالو ڪري سگهجي، ۽ پينشن جو وفاقي حڪومت جي مطابق جائزو ورتو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو