پي ٽي اي 5 ڊيٽنگ ايپس تي پابندي هڻي ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي(پي ٽي اي)  نامناسب ۽ غير اخلاقي مواد نه هٽائڻ جي الزام تي 5 ڊيٽنگ ۽ لائيو اسٽريمنگ ايپليڪيشنز بلاڪ ڪري ڇڏيون آهن. ان حوالي سان پي ٽي اي طرفان جاري ڪيل بيان موجب انهن ايپس ۾ ٽنڊر، ٽي ڪي ڊي اسڪاٽ، گرنڊر ۽ سي باءِ شامل آهن. ترجمان ٻڌايو آهي ته هي ايپس غير اخلاقي، غير مهذب، منفي ۽ معاشري ۾ بگاڙ پيدا ڪرڻ وارو مواد اپلوڊ ٿي رهيو هو.هن چيو ته پاڪستاني قانون موجب ماڊريٽ ڪرڻ جي لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا پر پليٽ فارمن مقرر وقت جي اندر نوٽيس جو جواب نه ڏنو. هن چيو ته اٿارٽي لاڳاپيل ايپس کي بند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. ماڊريٽ ڪرڻ وارن جي خاطري ڪرائڻ تي نظرثاني ڪري سگهجي ٿي.  ياد رهي ته پي ٽي اي اڳ ۾ سوشل ميڊيا ويب سائٽ بيگو کي غيراخلاقي ۽ فحش مواد ڏيکارڻ تي بلاڪ ڪيو هو پر معاملا طئي ٿيڻ کان پوءِ ان مٿان پابندي هٽائي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو