اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن (پي ٽي اي) جي چيئرمين ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان کي سندس عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار چيئرمين پي ٽي اي ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان کي سندس عهدي تان هٽائڻ جي درخواست قبول ڪري ورتي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج اڄ محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪيو، جسٽس بابر ستار 99 صفحن تي فيصلو لکيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان کي سندس عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته چيئرمين پي ٽي اي جي مقرري قانوني طور تي صحيح نه هئي.عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته چيئرمين پي ٽي اي کي فوري طور تي سندس عهدي تان هٽايو وڃي ۽ پي ٽي اي جي هڪ سينئر ميمبر کي عبوري چيئرمين مقرر ڪيو وڃي. اها درخواست ڊجيٽل رائيٽس جي سرگرم ڪارڪن اسامه خلجي 2023 ۾ داخل ڪئي هئي. درخواست گذار چيو هو ته حڪومت قانون ۽ رولز جي خلاف ورزي ڪندي حفيظ الرحمان کي نوازڻ لاءِ ڀرتي ڪئي هئي. عدالت ان وقت ڀرتي روڪڻ جو حڪم ڏنو هو پر حڪومتي اپيل بعد اهو چئي اجازت ڏني وئي هئي ته ڪيس جي حتمي فيصلي سان اها ڀرتي مشروط هوندي. پاڪستان ۾ رتائرڊ فوجين جي سويلين ادارن ۾ ٻيهر ڀرتي کي عدالتي فورم تان روڪڻ جا مثال گهٽ ئي آهن. ياد رهي ته پاڪستان جي اڌ آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي ۽ اعليٰ ڊگرين جي باوجود وڏو انگ بيروزگار آهي.










