اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف 26هين آئيني ترميم کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو. تحريڪ انصاف وڪيل سمير کوسه ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ 26هين آئيني ترميم جي خلاف درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ ترميم کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پارليامينٽ آئين جي بنيادي ڪوتاهين کي تبديل نٿو ڪري سگهي، عدليه جي آزادي آئين جو بنيادي جز آهي ۽ عدليه جي آزادي جي خلاف ڪابه ترميم نٿي آڻي سگهجي، انهي لاءِ آئيني ترميم اختيارن جي ورهاست جي آئيني اصول جي خلاف آهي. تحريڪ انصاف پنهنجي درخواست ۾ 26هين آئيني ترميم تي فيصلي تائين قائم جوڊيشل ڪميشن کي ججز جي مقرري کان روڪڻ جي به استدعا ڪئي آهي. ياد رهي ته 26هين آئيني ترميم جي خلاف انهي کان اڳ سپريم ڪورٽ ۾ 15 درخواستون داخل ٿي چڪيون آهن.










