پي ٽي آءِ ۽ سني اتحاد ڪائونسل جا اسيمبلي ميمبر آزاد قرار

پي ٽي آءِ ۽ سني اتحاد ڪائونسل جا اسيمبلي ميمبر آزاد قرار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)خيبر پختونخواهه جي وزيراعليٰ جي چونڊ کان اڳ پي ٽي آءِ کي وڏو ڌڪ لڳي ويو ، اليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي اسيمبلي ميمبرن کي آزاد قرار ڏئي ڇڏيو آهي، اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ پي ٽي آءِ ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي اسيمبلي ميمبرن بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، نوٽيفڪيشن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ پي ٽي آءِ ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي سڀني ميمبرن کي آزاد قرار ڏنو ويو آهي، سڀني اسيمبلين ۾ پارٽي جي عهدن ۾ وڏي تبديلي آئي آهي ۽ نئين لسٽون جاري ڪيون ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو