پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته خيبرپختونخواهه حڪومت غلط پاليسي جو حصو نه بڻجندي، طاقتورن کي ايبسلوٽلي ناٽ چئي ڇڏيو، اسان تي جيڪا دهشتگردي مڙهي وئي اها سوچيل سمجهيل منصوبي جي تحت مڙهي وئي. ڪرڪ کان روانو ٿيڻ جي موقعي تي جيل چوڪ ۾ لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ۾ هن چيو ته ڪرڪ جي بهادر عوام جو پوري سائوٿ ريجن جي استقبال تي ٿورو ادا ڪريان ٿو. اوهان جي علم ۾ هجڻ گهرجي اسان تي جيڪا دهشتگردي مڙهي وئي آهي اها سوچيل سمجهيل منصوبي جي تحت مڙهي وئي، هڪدفعو ٻيهر پختونن جو رت وهايو پيو وڃي. اسان بي گهر ۽ ڪاروبار تباهه ٿي رهيا آهن، ملٽري آپريشنز ۽ ڊرون اٽيڪ ٿي رهيا آهن اسان جي بي گناهه عوام، پوليس ۽ فوجي جوان شهيد ٿي رهيا آهن.سهيل آفريدي چيو ته اسٽيبلشمينٽ جو ماڻهو ٽي وي تي ويهي چوي ٿو ته سهيل آفريدي ناسمجهه آهي، جيڪڏهن پنهنجي عوام سان گڏ بيهڻ ناسمجهي آهي ته مان اها ناسمجهي هر ڀيري ڪندس، اوهان جي غلط پاليسين جي ڪري ملڪ ورهائجي رهيو آهي. جنهن حڪومت جو اوهان حصو آهيو اها 5300 ارب روپين جي ڪرپشن ڪري چڪي آهي، جيڪڏهن اها اوهان جي لاءِ سمجهداري آهي ته مان اهڙي سمجهداري تي لعنت اماڻيان ٿو، جيڪڏهن ملڪ سان محبت ناسمجهي آهي ته مان اها نا سمجهي هر ڀيري ڪندو رهندس. هن جو چوڻ هو ته جن کي مڙهيو ويو آهي اهي پاڪستان کي ورهائڻ ۽ ملڪ ۾ تعصب پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، حالتون انهن جي ڪنٽرول مان ٻاهر نڪري ويون آهن. جنهن کي ٻيهر آباد ڪيو ويو اهي به هاڻ هنن جي ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي ويا آهن، خيبرپختونخواهه حڪومت کي غلط پاليسي جو حصو بنجڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي مان عمران خان جو رانديگر آهيان مون طاقتورن کي ايبسلوٽلي ناٽ چيو آهي، ملڪ تي مڙهيل هڪ مائنڊ سيٽ خيبرپختونخواهه سان سوتيلي ماءُ جهڙو سلوڪ ڪري رهيو آهي، هي هڪ غلط پاليسي تي ٻئي غلط پاليسي مڙهڻ چاهين ٿا، اوهان کي ڌار ڪرڻ چاهين ٿا.وڏي وزير چيو ته بند ڪمرن ۾ فيصلا ڪندڙ ملڪ تي اهڙي پارٽي مڙهي آهي جنهن جي وزيراعليٰ چوي ٿي ته مون کي انڊيا مان ڪوبه خطرو نه آهي باقي ٽن صوبن کان خطرو آهي، جيستائين اسان زنده آهيون ۽ اسان جون نسلون زنده آهن، اسان ائين ٿيڻ نه ڏينداسين چور ۽ ڌاڙيل ملڪ سان سچا نٿا ٿي سگهن. سموري پاڪستان جو هڪ ئي اڳواڻ آهي جنهن جو نالو عمران احمد خان نيازي آهي عمران خان اسان جي دلين جي ڌڙڪن آهي. 90 سيڪڙو ماڻهو عمران خان کي چاهين ٿا، عمران خان ئي ملڪ کي دلدل کان ٻاهر ڪڍي سگهي ٿو ۽ ادارن جي عزت، وقار کي بحال ڪرائي سگهي ٿو. سهيل آفريدي چيو ته جيڪي فوجي جوان شهيد ٿيندا آهن ۽ ملڪ جي لاءِ قربانيون ڏيندا آهن، اهي اسان جي وجود جو حصو آهن سموري ملڪ ۾ انهي سسٽم جي خلاف نفرت ڏسي رهيو آهيان، خيبر کان ڪراچي تائين هر شخص اسلام آباد وڃڻ چاهي ٿو. اسان جا جمهوري مطالبا اوهان کي مڃڻا پوندا. پاڪستان ۾ اها پاليسي بڻجندي جيڪا عوام جي حق ۾ هوندي. اسان هر انهي پاليسي جا مخالف آهيون جيڪا عوام جي مفاد ۾ نه هجي، عمران خان دليري سان جيل ڪاٽي رهيو آهي جيڪڏهن انهي کي اقتدار جي لالچ هجي ها ته هڪ صحيح ڪري ٻاهر اچي وڃي ها، پر اهو نه جهڪيو، اسان کي حقيقي آزادي جي جنگ عمران خان سان گڏ وڙهڻي آهي. هن چيو ته عمران خان ۽ انهي جو سڄو خاندان اسان جي ۽ اسان جي ٻارن جي مستقبل جي لاءِ قرباني ڏئي رهيو آهي، 26هين آئيني ترميم کان پوءِ عدالتون چٽ جو انتظار ڪنديون آهن، عمران خان اوهان جو انتظار ڪري رهيو آهي، اوهان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته غلامي قبول ڪرڻي آهي يا حقيقي آزادي چاهيون ٿا، اوهان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته طاقتور جي سامهون ڪنڌ جهڪائڻو آهي يا آزادي جي جنگ وڙهڻي آهي. وزيراعليٰ عوام کي وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي هر ڪنڊ مان صوابي پهچو جتي اڳيان جو لائحه عمل ڏنو ويندو.
پي ٽي آءِ آڏو رکيل مطالبن مان ڪهڙو غير آئيني هو؟ طارق فضل
وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو آهي ته پي ٽي آءِ وفد آڏو رکيل مطالبن مان ٻڌايو وڃي ته ڪهڙو مطالبو غير آئيني يا حد کان ٻاهر هو. هن چيو ته پهريون مطالبو ڪالعدم ٽي ٽي پي ۽ دهشتگردن جي مذمت ڪرڻ، ٻيو صوبي مان دهشتگردن جي ٺڪاڻن جو مڪمل خاتمو ۽ ٽيون افغانستان بابت پرڏيهي پاليسي تي عملدرآمد ڪرڻ هو. طارق فضل موجب چوٿون مطالبو افغان مهاجرن جي واپسي، پنجون خيبرپختونخوا پوليس ايڪٽ تي نظرثاني، ڇهون دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ پاڪ فوج سان سهڪار ۽ ستون نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عملدرآمد ڪرڻ هو. وفاقي وزير چيو ته ڳالهين دوران پي ٽي آءِ وفد وٽ مڪمل مينڊيٽ موجود نه هو، جڏهن ته سهيل آفريدي پاڻ يا صوبي جو ڪو نمائندو ڳالهين ۾ شامل ٿئي ها ته وڌيڪ بهتر ٿئي ها. هن چيو ته ڳالهين جو اصل مقصد لانگ مارچ روڪڻ نه، پر دهشتگردي جو خاتمو هو.
صدر اڃا تائين امن امان بابت رپورٽ ناهي گهري: گورنر ڪي پي
گورنر خيبرپختونخوا فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته صدر اڃا تائين صوبي جي امن امان جي صورتحال بابت کانئس ڪا رپورٽ ناهي گهري. هن چيو ته صدر جيئن ئي رپورٽ طلب ڪئي ته هو صورتحال بابت رپورٽ تيار ڪري سفارشون شامل ڪري موڪليندو. گورنر موجب صوبي ۾ امن امان جي صورتحال ٺيڪ ناهي، جڏهن ته ڪي پي حڪومت امن امان جي معاملي تي وفاقي حڪومت سان سهڪار نه ڪري رهي آهي. هوڏانهن گورنر خيبرپختونخوا فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي وچ ۾ پشاور ۾ ملاقات ٿي، جنهن دوران صوبي کي دهشتگردي کان بچائڻ لاءِ آئيني ڪردار ادا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
اصل مسئلو عمران خان سان ملاقات نه، دهشتگردي وارو معاملو هو: نويد قمر
پيپلزپارٽي اڳواڻ سيد نويد قمر چيو آهي ته عمران خان سان ملاقات پي ٽي آءِ جو هميشه کان مطالبو رهيو آهي، پر جڏهن ڳالهين جو حتمي ڊرافٽ سامهون آيو ته پي ٽي آءِ کي گهٽ ۾ گهٽ عمران خان سان ڊاڪٽرن، وڪيلن ۽ خاندان جي باقاعده ملاقاتن جي شروعات تي اتفاق ڪرڻ گهرجي ها.نويد قمر موجب جيڪڏهن اهو معاملو طئي ٿي وڃي ها ته اڱاري ڏينهن عمران خان سان ملاقات پڻ ٿي سگهي پئي، جڏهن ته وزيراعظم طرفان هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي ها، جيڪا روزاني بنياد تي انهن معاملن جو جائزو وٺي ها. هن چيو ته جڏهن اهو سمورو فريم ورڪ سامهون اچي ويو ته عمران خان سان ملاقات وارو معاملو مسئلو نه رهيو هو، اصل اختلاف دهشتگردي جي معاملي تي پيدا ٿيو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ طرفان شرط رکيا ويا ته پهريان ڪجهه قدم کنيا وڃن، ان کانپوءِ ٻيا معاملا اڳتي وڌايا وڃن.
حڪومتي هٺ ڌرمي سبب ڊرافٽ تي اتفاق نه ٿي سگهيو: گوهر
پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ جاري آهي ملتوي نه پيو ڪيو وڃي، حڪومتي هٺ ڌرمي سبب ڳالهين جي حتمي ڊرافٽ تي اتفاق نه ٿي سگهيو.صحافين سان ڳالهيون ڪندي بيرسٽر گوهر چيو ته ڪابه اهڙي شيءَ نه آهي جنهن جو حل نه هجي، اسان جا مطالبا ساده آهن، سڀاڻي پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪرائي ڇڏيو، انهي جي گهر ڀاتين سان ملاقات ڪرائي وڃي، عمران خان جي فيملي کي ڪوٽ لکهپت جيل ۾ ڇو رکيو ويو آهي.بيرسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ نه ڪي پي ڪي حڪومت ڇڏي رهي آهي نه صوبائي اسيمبليون ٽوڙي رهي آهي، غير آئيني قدمن تي پي ٽي آءِ جا سمورا سينيٽرز، ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز بائيڪاٽ تي مجبور ٿي ويندا، پي ٽي آءِ حڪومت کي اوهان لولهي لنگڙي بنائي ڇڏيو آهي، ڊرافٽ جي نڪتن تي حتمي اتفاق نه ٿي سگهيو ڇو ته حڪومت هٺ ڌرمي ڏيکاري.پي ٽي آءِ چيئرمين جو چوڻ هو ته حڪومت پيغام ڏنو اسان خوشي سان ڳالهين لاءِ وياسين، وزيراعظم سان اپوزيشن اڳواڻ جي ملاقات جو اسان مطالبو رکيو، حڪومت ڪنهن هڪ ڳالهه تي به راضپو ظاهر نه ڪيو.بيرسٽر گوهر چيو ته دهشتگردي تي گڏيل لائحه عمل جو اسان مطالبو رکيو، اسان ڪي پي ڪي، بلوچستان، سنڌ ۽ پنجاب ۾ دهشتگردي جي خلاف گڏيل بيانن جي ڳالهه ڪئي، چيف سيڪريٽري، آءِ جي پوليس ڪنهن ٻئي کان حڪم وٺن ته صوبي ۾ امن ڪيئن ايندو، اسان جي ئي صوبي جو ڊي سي ڪنهن ٻئي جي چوڻ تي قلم 144 لڳائي رهيو آهي.هن چيو ته اسان مخلصانه ڪوششون ڪيون پر حڪومت نه مڃي، وفاقي حڪومت اسان جي صوبي ۾ مداخلت بند ڪري، بنا گورنر راج جي خيبرپختونخواهه ۾ گورنر راج قائم آهي، 5 نڪتن تي ڳالهيون ٿيون پر حڪومت سنجيدگي نه ڏيکاري، اڃان به وقت آهي حڪومت اڳيان اچي ۽ ڳالهيون ڪري.
ڳالهين جي ناڪامي بدقسمتي آهي: سعد رفيق
لاهور مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير سعد رفيق چيو آهي ته حڪومت ۽ اپوزيشن جي وچ ۾ ڳالهين جي ناڪامي بدقسمتي آهي، هاڻ جهيڙو ٿيو ته امن ۽ سياسي استحڪام جي منزل تمام گهڻي پري ٿي ويندي.حڪومت ۽ اپوزيشن جي وچ ۾ ڇنڇر جي ڏينهن ڳالهيون تقريبن 10 ڪلاڪن تائين جاري رهيون. ڳالهين ۾ سياسي ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ، احتجاجي صورتحال ۽ آئنده جي لائحه عمل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پر اهم نڪتن تي اتفاق راءِ پيدا نه ٿيڻ سبب ڳالهيون ناڪامي جو شڪار ٿي ويون جنهن جي ذميواري ڌرين هڪ ٻئي تي وجهي ڇڏي.سعد رفيق ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته اطلاع موجب حڪومتي ٽيم سموري مينڊيٽ سان ويٺل هئي، اپوزيشن ٽيم جو رويو به مثبت رهيو، حڪومت 4 ڀيرا معاهدي جي ڊرافٽ ۾ تبديلي ڪرائي، وزيراعليٰ خيبرپختونخواهه جي نئين ڊرافٽ معاهدي کي ختم ڪيو.هن جو چوڻ هو ته حڪومتي مطالبو لانگ مارچ جي التوا ۽ رياستي ادارن سان تعاون هو، پي ٽي آءِ طرفان لانگ مارچ ملتوي ڪري سگهجو ٿي، حڪومتي واعدا پورا نه ٿيڻ تي لانگ مارچ ٻيهر ٿي سگهيو ٿي.هن چيو ته معاهدو ٿيڻ جي صورت ۾ پي ٽي آءِ باني سان گهر ڀاتين ۽ وڪيلن جي ملاقات جو رستو کلي وڃي ها، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير ۽ اپوزيشن اڳواڻ جي رويي ماحول کي خراب ڪري چڌيو.هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ قيادت انهي کان اڳ به ڪيترائي موقعا ضايع ڪري چڪي آهي، اڃان به وقت هٿن مان ناهي نڪتو، اپوزيشن لانگ مارچ ملتوي ڪري، انساني حياتيون ۽ امن سمورن حدفن کان اهم آهن. سعد رفيق چيو ته بيرسٽر گوهر، اسد قيصر، سلمان اڪرم راجا ۽ عامر ڊوگر ساٿين کي سمجهائين، لانگ مارچ جي تاريخ ڪو آسماني حڪم ناهي، معاهدو ٿيڻ ڏيو ته جيئن ڀروسي جوڳي قدمن جي بنياد رکي وڃي.










