اسلام آباد)بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٻن قومي اسيمبلي ميمبرن جون استعيفائون اڃا تائين قبول نه ڪيون ويون آهن.ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ جي 2 ايم ايل ايز سردار طالب ۽ نواز الاهي موڪلن جي درخواست ڏني آهي جنهن کي اسيمبلي فلور تي پڙهي ٻڌايو ويو آهي.ذريعن موجب اسپيڪر 22 جنوري 2022ع کان وڌيڪ 43 استعيفائون منظور ڪري ورتيون ۽ انهن ميمبرن کي ڊي نوٽيفائي ڪرڻ جو خط به 22 جنوري تي موڪليو ويو.










