پي ٽي آءِ جي ٻن اهم اڳواڻن جو پارٽي ۾ واپسي اچڻ جو اشارو

پي ٽي آءِ جي ٻن اهم اڳواڻن جو پارٽي ۾ واپسي اچڻ جو اشارو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيف آرگنائيزر سيف الله نيازي ۽ سيڪريٽري جنرل اسد عمر اشارو ڏنو آهي ته هو واپس پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيندا. اهڙو اشارو هنن پارٽي ڇڏڻ جي اعلان کي هڪ هفتي کان به گهٽ وقت گذرڻ کان پوءِ ڏنو آهي.سينيٽر سيف الله سرور خان نيازي پارٽي ڇڏڻ جي 3 ڏينهن کان پوءِ ٻيهر پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري رهيو آهي. سيف الله سرور خان نيازي به پي ٽي آءِ جي ٻين سينيٽرز فيصل سليم رحمان، همايون محمد، فلڪ ناز چترالي، فضا محمد، ذيشان خانزاده سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي 9 مئي واقعن جي مذمت ڪندي پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪيو هو.انهن سينيٽرز چيو هو ته انهن سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ 9 مئي واقعن جي مذمت جي قرارداد جمع ڪرائي ڇڏي آهي پر ان گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ جڏهن صحافين سيف الله نيازي کان پي ٽي آءِ کان ان جي تعلق جي حوالي سان پڇا ڪئي ته هو چپ هو، سندس ساٿي مسز زرقا جواب ڏنو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو