پي ٽي آءِ جي مينارِ پاڪستان تي جلسي جي درخواست رد

پي ٽي آءِ جي مينارِ پاڪستان تي جلسي جي درخواست رد

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي 5 آگسٽ تي مينارِ پاڪستان تي جلسي جي اجازت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.جسٽس مرزا وقاص رؤف، پي ٽي آءِ اڳواڻ ميان عثمان اڪرم جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته مينارِ پاڪستان تي جلسي جي درخواست رد ڪئي وئي آهي. پي ٽي آءِ جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته جلسي لاءِ ڪا متبادل جاءِ فراهم ڪئي وڃي، جنهن تي سرڪاري وڪيل چيو ته پي ٽي آءِ متبادل جاءِ لاءِ ڪائي درخواست داين ناهي ڪئي. عدالت سرڪاري وڪيل کي هدايت ڪئي ته ڊپٽي ڪمشنر لاهور کان متبادل جاءِ تي جلسي جي اجازت بابت هدايتون وٺي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿئي.

پهنجو تبصرو موڪليو