سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڊسڪه ۾ تحريڪ انصاف جو مقابلو ڏوهاري گروپن ۽ ريٽرننگ آفيسرن سان به هو.پنهنجي ٽوئٽ ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته(ن) ليگ جي وفادارين جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آر او ڊسڪه منشيات فروشن ۽ قبضه مافيا جي مدد ڪندي(ن) ليگ کي اليڪشن کٽرائڻ ۾ آخرڪار ڪامياب ٿي ويا. امجد ملهي ۽ تحريڪ جي ڪارڪنن کي(ن) ليگ جي گارڊ فادرز جو ڄمي مقابلو ڪرڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿي.فردوس عاشق وڌيڪ چيو ته ڊسڪه ۾ تحريڪ انصاف جو مقابلو ڏوهاري گروپن کان علاوه آر او ڊسڪه سان به هو. حڪومتي پريشر کان پاڪ چونڊن جي ان کان اڳ ڪابه مثال نٿي ملي.سمورن انتظامي اختيارن جي باوجود پنجاب حڪومت اليڪشن ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت نه ڪري ادارن کي آزاد ۽ خودمختار بنائڻ جي اعليٰ مثال قائم ڪئي.










