پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل جي ضمانت واري درخواست رد

پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل جي ضمانت واري درخواست رد

اسلام آباد (بيورو)اسلام آباد جي عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. اسلام آباد جي ايڊيشنل اينڊ سيشن جج ظفر اقبال محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي عمران خان جي چيف آف اسٽاف جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. اسلام آباد جي مقامي عدالت ۾ شهباز گل جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي دوران سندس وڪيل موقف اختيار ڪيو ته غلام مرتضيٰ چانڊيو جي فرياد تي 8 آگسٽ تي ڪيس داخل ڪيو ويو، جوابدار تي فورسز آفيسرن ۽ ڪارڪنن کي ورهائڻ جو الزام آهي، مدعي شهر مئجسٽريٽ شهباز گل تي بغاوت جو الزام هنيو آهي، جڏهن ته وڌيڪ 5 جوابدارن کي پوسٽ ٽرائل ۾ نامزد ڪيو ويو آهي. جوابدار جي وڪيل چيو ته شهباز گل ڪڏهن به بغاوت جو نه سوچيو، ڪيس ٽرانسڪرپٽ جي مختلف هنڌن تان پوائنٽس ڪڍي ڪيس داخل ڪيو ويو، ان بيان ۾ ڪٿي ڪٿي غلط فهمي به آهي، شهباز گل اها غلط فهمي دور ڪرڻ لاءِ تيار آهي، هو معافي گهري پر هو تيار آهن. پر مختلف نقطن کي اٿارڻ ۽ انهن تي بغاوت جو الزام هڻڻ اهو ڪيئن حق آهي؟ پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل کي 9 آگسٽ تي گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن تي ڪوهسار پوليس سٽي مئجسٽريٽ جي فرياد تي سندس خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو