پي ٽي آءِ وارن کي چونڊ نتيجن جا تصديق ٿيل ڪاغذ ڏيڻ جو حڪم

پي ٽي آءِ وارن کي چونڊ نتيجن جا تصديق ٿيل ڪاغذ ڏيڻ جو حڪم

پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي پي ٽي آءِ اڳواڻن کي چونڊ نتيجن جا تصديق ٿيل دستاويز فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شڪيل احمد ۽ جسٽس ارشد علي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ پي ٽي آءِ اڳواڻن تيمور جهڳڙا، ڪامران بنگش ۽ ٻين اڳواڻن جي چونڊ نتيجن جي دستاويزن جي فراهمي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اميدوار کي تصديق ٿيل دستاويز ڏيڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي ۽ دستاويز هر اميدوار جو حق آهي.جسٽس سيد ارشد علي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته درخواستگذارن کي تصديق ٿيل ڪاپي ڪير ڏيندو؟ ان تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته درخواست ڪندڙ آر اوز کان به دستاويز وٺي سگهن ٿا، اتي درخواست ڏيو.جسٽس شڪيل احمد چيو ته اليڪشن رولز ۾ اليڪشن ڪميشن جو ذڪر آهي ته دستاويز اليڪشن ڪميشن فراهم ڪندو، درخواستگذار جي وڪيل عدالت ۾ اهو به چيو ته رولز 91 چوي ٿو ته اليڪشن ڪميشن تصديق ٿيل دستاويز فراهم ڪندي.اليڪشن ڪميشن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اسان کي جڏهن فارم 45 ۽ 47 مليا ته اسان اپلوڊ ڪيا، درخواستگذار اليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽ تان فارم حاصل ڪري سگهن ٿا، 14 ڏينهن اندر فارم جمع نه ڪرائيندڙ آر اوز خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.درخواستگذار جي وڪيل چيو ته خدشو آهي ته روزانو فارم 45 ۽ 47 تبديل ڪيا پيا وڃن، ان تي جسٽس شڪيل احمد چيو ته جيڪڏهن توهان کي تصديق ٿيل فارم ڏيو ته پوءِ ڪيئن تبديل ڪندا، فارم توهان وٽ هوندو. بعد ۾ عدالت اليڪشن ڪميشن کي نتيجن جا تصديق ٿيل دستاويز درخواستگذارن کي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي درخواستون اڪلائي ڇڏيون.

پهنجو تبصرو موڪليو