اسلام آباد(بيورو)تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران پي ٽي آءِ جي مرحليوار استعيفيٰ جي منظوري کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.اسد عمر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي، تحريڪ انصاف طرفان ايڊووڪيٽ فيصل چوڌري اپيل داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ کي استدعا ڪئي وئي آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ عوام کان نئون مينڊيٽ وٺڻ لاءِ قومي اسيمبليءَ تان استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.پي ٽي آءِ جي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف جي ميمبرن قومي اسيمبلي مان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، قاسم سوري اسيمبلي فلور تي پي ٽي آءِ جي 125 ميمبرن جون استعيفائون قبول ڪرڻ جو اعلان ڪيو. درخواست جي متن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي استعيفيٰ منظور ڪرڻ قائم ڪيل اصولن جي ڀڃڪڙي آهي.










