لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مئنيجمينٽ ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي نجم سيٺي جي صدارت هيٺ ٿيندو. لاهور ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۽ پاڪستان وومين ٽيم جي ڪوچز جي حوالي سان ڳالهيون ٿينديون. ذريعن موجب اجلاس ۾ مختلف ڪميٽيون جوڙيون وينديون ۽ پاڪستان سپر ليگ جي حوالي سان مختلف معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ملازمن جي ڳري پگهارن واري معاملي تي به غور ڪيو ويندو ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته انتظاميا ڪميٽي وڏين پگهارن تي آفيسرن کي رکڻ جي حق ۾ ناهي ۽ وڏين پگهارن تي ڪم ڪندڙ آفيسرن کي به پيغام پهچايو ويو آهي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ پي سي بي ۾ وڌيڪ تبديليون ٿينديون










