لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور: (دنيا نيوز) ملتان سلطانز ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.قذافي اسٽيڊيم، لاهور ۾ کيڏيل ميچ ۾ ملتان سلطانز ٽاس کٽي ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز کي پهرين بيٽنگ جي دعوت ڏني، ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 166 رنسون ٺاهيون.ڪپتان سعود شڪيل 41 بالن تي 56 رنسون ٺاهيون جڏهن ته بيون جيڪبز 49 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي ٽيم کي مضبوط ٽوٽل تائين پهچايو. احمد دانيال 22 رنسون ٺاهڻ کان پوءِ زخمي ٿي رٽائر ٿيو.ملتان سلطانز لاءِ محمد نواز شاندار بالنگ ڪئي ۽ 3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته عرفات منهاس 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.ٻئي طرف ملتان سلطانز 167 رنسن جو هدف 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪيو. ملتان سلطانز پاران شان مسعود 46 رنسون ۽ صاحبزاده فرحان 32 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته اسٽيو سمٿ 53 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو.ان دوران، ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز لاءِ حسن نواز 2 وڪيٽون ورتيون، پر ٻيا بالر ملتان جي بيٽنگ لائن کي روڪڻ ۾ ناڪام رهيا.
مشهور خبرون










